131

ياد رهڻ جھڙي شخصيت قربان پيرزادو…

ليکڪ: ”راز“ علي گل ڀٽو

پنھنجي محنت سان مان ۽ مرتبو ماڻيندڙ قربان پيرزادو چار سيپٽمبر ١٩٤٨ع تي”ننڍڙو ماسڪو“ سڏجندڙ ڳوٺ ٻلھڙيجي جي ھڪ معتبر ماڻھوءَ ميان حسن علي پيرزادي جي گھر جنم ورتو، سڀاڳو ٻار پينگھي ۾ پڌرو ھوندو آھي، ڄمندي ئي پاڻ سان علم جا ڏيئا ٻاريو آيو، ٻلھڙيجيءَ ۾ان وقت پرائمري اسڪول ڪونه ھو، تنھن ڪري پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ گاجي ديرو مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ ھاءِ اسڪول ڏوڪري، انٽر گورنمينٽ ڪاليج ڏوڪري ۽ بي اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين، انور پيرزادي جي صحبت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بين الاقوامي تعلقات ۾ ڊپلوما ۽ انگريزي ادب ۾ايم اي امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين، تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪميشن ذريعي اطلاعات کاتي ۾ آفيسر ٿيو، جھڙو جسماني طور ھلڪو ڦلڪو ماڻھو ھو، اوترو ئي طبيعت ۾ نفيس مزاج به ھو، پاڻ ترقي پسند خيالن وارو انسان دوست ھو، محبت وچان دوست کيس پير سائين يا قربان سائين ڪري مخاطب ٿيندا ھئا، ھميشه ذاتي ڪچھرين کي به ثقافتي ۽ قومي ڪچھرين ۾تبديل ڪري ڇڏيندو ھو، جھڙو اڇو لباس پائي ٻاھران اڇو اجرو لڳندو ھو، اوترو ئي اندر جي دنيا کي صاف سٿرو رکندو ھو، جڏھن ٻلھڙيجيءَ جي نوجوانن علائقي واسين جي سھولت لاءِ  ڪراچيءَ ۾”ٻلھڙيجي ھوم“جي نالي سان اجھو قائم ڪيو ته ان ۾ به سندس ڪردار سڀني کان اڳرو ھو، ستر سالن جي ڄمار ۾ ٻچڙن، دوستن ۽ مسڪينن جي سيوا ڪندي ڪڏھن به نه ٿڪو، ھن املهھ ماڻڪ کي انور پيرزادي جي صحبت تمام گھڻو سنواريو ۽ سينگاريو، باقي ھن پنھنجي عزت ۽ حيثيت پنھنجي ٻانھن جي ٻل تي حاصل  ڪئي، سياحت جو ڪوڏيو ھي انسان پرائي کي پنھنجو ڪرڻ جو ھنر خوب ڄاڻندو ھو، خوشگوار گھڙين لاءِ وٽس لطيفن ۽ چرچن جا ڀنڊار ھوندا ھئا، رات کٽي وڃي ڪچھريءَ ۾ سندس ڀوڳ چرچا نه کٽندا ھئا، راڳ ويراڳ جو رس چس کيس ورثي ۾ مليو ھو، تنھن ڪري عمر ڀر ان جي قدرداني ۽ آبياري ڪندو رھيو، پاڻ به ڪلاسيڪل راڳ ۽ راڳڻين جو وڏو ڄاڻو ھو، ڪنھن گائڪ کي ڪنھن مخصوص ڪلام بدران راڳڻيءَ جي فرمائش ڪندو ھو، قربان صاحب اولاد ۽ نوجوانن سان ھميشه دوستيءَ وارو تعلق رکندو ھو، ساڻن سندن سطح جي گفتگو ڪندو ھو، سندس آفيس به آفيس نه پر ڪنھن سخي مرد ۽ ساڃاهه وند جي اوطاق يا اوطارو لڳندو ھو، ١٩٧٠ع کان وٺي ٢٠٠٧ع تائين ھر حاڪم، وزير، ۽ ڪاموري جا حال احوال سندس دل جي دفتر ۾ دميل ھئا، پاڻ ملڪ جي اندروني حالتن، ادب ۽ سياست ۽ خاص طور تي سنڌ جي گھمندڙ ڦرندڙ تاريخ ھو، ڪاوڙ ۽ چڙ کان ھميشه ڏور ھوندو ھو، ڪنھن به اڻوڻندڙ گفتي تي رنجيده ضرور ٿيندو ھو ۽ ان کي دل ۾سانڍڻ بدران منھن تي برملا اظھار ڪري ڏيندو ھو، مھين جي دڙي جي ھن سچي ماڻھوءَ ڪڏھن به مھين جي دڙي کان منھن نه موڙيو، ان ڪري ئي ته سندس آخري ۽ ابدي آرام گاهه به مھين جي دڙي جي ڀڪ ۾شاهه جمال جي قبرستان ٻلھڙيجيءَ ۾رکڻ جي وصيت ڪري ويا ھئا ۽ سندن اھا وصيت پوري به ڪئي وئي، 10 سال گڙدن جي بيماريءَ سان به مڙس ٿي منھن ڏنائين، سندس عزم ۽ حوصلي جي ڪري بيماري سندس معمولات ۾تر جيترو به خلل وجھي نه سگھي، ڳوٺ جي ھر وھانءُ ۾راڳ لازمي ڪرائڻ جو رواج به قربان صاحب وڌو ھو، پاڻ جيئري اھا به وصيت ڪئي ھئائون ته اسين فطري سائنس جا ماڻھو آھيون، ان ڪري منھنجو جنازو ساز ۽ آواز جي سنگت ۾کنيو وڃي ۽ سندس ان وصيت کي سندس اولاد ۽ دوستن جيئن جو تيئن پورو ڪيو، ڇو ته سندس اولاد ۽ سنگت به سندس اخلاق جو  آئينو ھئا، سندس چارئي پٽ اعليٰ تعليم يافته ۽ نوڪرين وارا آھن، پاڻ اوطاقن ۽ اوتارن کي سنڌ جا فڪري ۽ ثقافتي مرڪز ۽ مورچا سڏيندو ھو، پاڻ ھرک جو سفيد لباس پائڻ وارو سفيد پوش ھو، اڄ به سندس جسماني عمر کان سندس ڪردار جي عمر تمام وڏي ٿي لڳي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو