124

هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول جي اگهن ۾ ڪيل واڌ!!

ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت عوام مٿان هڪ ئي مهيني ۾ ٻيو ڀيرو پيٽرول جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عوام کي نئين پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، تبديلي سرڪار دوران هاڻي هر پندرهين ڏينهن پيٽرول جي قيمتن جو جائزو ورتو وڃي ٿو، ان کان اڳ ۾ مهيني ۾ هڪ ڀيرو پيٽرول جا اگهه هيٺ مٿي ڪيا ويندا هئا، هن وقت هر پندرهين عوام جي مٿان نئين تلوار ٽنگيل آهي، ڪجهه عرصو پيٽرول جا اگهه گهٽ ڪرڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر غير محسوساتي طريقي سان پيٽرول جي اگهن ۾ مرحليوار واڌ ڪري رهي آهي، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 2021ع ۾ پيٽرول جي اگهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر واپس انهن ئي اگهن تي پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتان ان کي عوامي دٻاءَ کانپوءِ واپس ڪيو ويو آهي، جمعي واري ڏهاڙي وفاقي حڪومت پيٽرول جي نون اگهن جي منظوري ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي، وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 3 روپيا 20 پئسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ  ڊيزل جي اگهه ۾ 2 روپيا 95 پئسا، گاسليٽ جي اگهه ۾ 3 روپيا في ليٽر ۽ لائٽ ڊيزل اگهه ۾ 4 روپيا 42 پئسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي. نون اگهن تي رات 12 وڳي کان پوءِ  عمل پڻ شروع ٿي ويو آهي. انهن اگهن تي 31 جنوري تائين عمل ٿيندو. تازي واڌ جي نتيجي ۾  پيٽرول جو اگهه 106 روپين مان وڌي 109 روپيا20 پيسا، هاءِ اسپيڊ  ڊيزل جو اگهه 110 روپيا 24 پيسن مان وڌي 113 روپيا 19 پيسا، لائٽ ڊيزل جو اگهه 71 روپيا 81 پيسن مان وڌي 76 روپيا 23 پيسا ۽ گاسليٽ جو اگهه 73 روپيا 65 پيسن مان وڌي 76 روپيا 65 پيسا ٿي ويو آهي، ان کان اڳ پهرين جنوري 2021ع تي پڻ حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌايا هئا جنهن موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 2 رپيا 31 پئسا، لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 14 رپيا 87، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 رپيا 37 پئسا، ايل پي جي جي اگهه ۾ 15 رپيا ڪلو ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 10 رپيا 92 پئسا في لٽر واڌ ڪئي وئي هئي، يعني گذريل 15 ڏينهن دوران پيٽرول جي اگهه ۾ مجموعي طور تي ساڍا 5 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 19 رپيا في لٽر واڌ ٿي وئي آهي، جنهن رفتار سان اگهه وڌي رهيا آهن، ان مان اها ڳالهه صاف واضح ٿي رهي آهي ته حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ اڃا به واڌ جو اضافو رکي ٿي ۽ ايندڙ 15 ڏينهن دوران عوام کي وري اهڙي ٻي خوشخبري پڻ ٻڌائي ويندي، گذريل ٻن ڏينهن کان ته ميڊيا ۾ اهي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ 12 رپيا في لٽر  واڌ جو ارادو رکي ٿي پر سوشل ميڊيا تي مهم شروع ٿيڻ کانپوءِ حڪومت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪندي عوام سان ڪجهه رعايت ڪئي آهي، وڌندڙ مهانگائي ۽ کاڌ خوراڪ سميت عام استعمال جي شين جي اگهن ۾ تيزي سان ٿيندڙ اضافي سان گڏ پيٽرول جي اگهن ۾ لڳاتار ٿيندڙ واڌ عوام مٿان مهانگائي جو هڪ نئون بم ڪرندو، هن وقت غريب عوام اڳواٽ ئي ساهه کڻڻ ۾ هلاڪ آهي، مٿان ڪري پيٽرول جي اگهن ۾ ٿيندڙ واڌ عام ماڻهو جو جيئڻ ئي جنجال بڻائي ڇڏيندي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جنهن تيزي سان ملڪ اندر مهانگائي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي اهو سلسلو آخرڪار ڪيستائين هلندو؟ جيڪڏهن حڪومت ائين سمورو بار عوام تي ڪيرائيندي رهندي ته عام ماڻهو جو ملڪ اندر جيئڻ ئي محال بڻجي ويندو، معيشت جي خراب ٿيندڙ صورتحال سبب ماڻهو اڳ ۾ ئي عذاب جو شڪار آهن ۽ غربت ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو پنڻ جهڙا ٿي ويا آهن، تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته عوام مٿان معيشت جو بار ڪيرائڻ بدران پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري ته جيئن ماڻهن کي جيئڻ جو حق ملي سگهي، وڌندڙ مهانگائي سبب نه فقط غربت ۾ اضافو ڪري رهي آهي پر ملڪ اندر خودڪشين ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ تي ڪو به اعتراض ڪونهي پر سمورو بار عوام تي ڪيرائڻ مناسب ناهي، ائين نه ٿئي ته معيشت ٺيڪ ڪندي ڪندي عوام کي ئي ماري وجهجي، ملڪن جو نظام ۽ وجود عوام سان ئي آهي، جيڪڏهن عوام ئي نه رهندو ته پوءِ حڪومت ڪنهن تي ڪبي! اميد ڪريون ٿا ته سرڪار نه فقط عام استعمال جي شين جا وڌندڙ اگهه روڪيندي، پر پيٽرول جي قيمتن ۾ ٿيل اضافي تي به نظرثاني ڪندي ته جيئن غريب عوام کي جيئڻ جو حق ملي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو