134

براڊ شيٽ، ڪاوي موسوي ۽ پاڪستاني سياست…..

ليکڪ: عمردراز ننگيانه

پاڪستاني سياست ۾ هن وقت براڊ شيٽ نالي هڪ ڪمپني ۽ ان جي سربراهه ڪاوي موسوي طرفان سامهون ايندڙ تازن بيانن جا پڙڏا آهن، هن پاڪستان ۾ احتساب جي قومي اداري نيب مٿان فراڊ جو الزام هنيو آهي، ڪاوي موسوي دعويٰ ڪئي آهي ته هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي خاندان سميت ڪيترن ئي پاڪستاني سياستدانن جي پرڏيهي ملڪن ۾ ٺاهيل لکين ڊالرز ماليت جي بئنڪ اڪائونٽن ۽ اثاثن جو پتو لڳايو هو، سندس ان بيان پاڪستان ۾ هڪ تڪرار کي جنم ڏنو آهي، جنهن ۾ هن الزام هنيو آهي ته شريف خاندان پنهنجي اثاثن جي حوالي سان سندس تحقيق کي سامهون نه آڻڻ عيوض کيس 25 ملين ڊالر رشوت جي آڇ ڪئي هئي، شريف خاندان طرفان اهڙن الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي، ڪاوي موسوي طرفان اهي بيان ان وقت آڏو آيا آهن، جڏهن ويجهڙ ۾ ئي براڊ شيٽ ايل ايل سي پاڪستاني حڪومت خلاف برطانيا ۾ ثالثي جو هڪ ڪيس کٽيو آهي، ان کانپوءِ عدالتي حڪم تي  ان کي برطانيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي بئنڪ اڪائونٽ مان لڳ ڀڳ 29 ملين ڊالر جي رقم ڏني وئي آهي، ڪاوي موسوي ڪير هو، هو پاڪستان جي سياسي شخصيتن جي پرڏيهي ملڪن ۾ اثاثن جو پتو ڇو لڳائي رهيو هو ۽ پاڪستاني حڪومت نه چاهيندي به ايتري ڳري رقم کيس ڇو ادا ڪئي؟ ان بابت ڪاوي موسوي بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته پاڪستاني سياسي شخصيتن جي پرڏيهه ۾ اثاثن جو پتو لڳائڻ لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ جي حوالي سان موجوده حڪومت سان سندس ڳالهه ٻولهه هلندڙ آهي، هن ٻڌايو ته اڳ هو رضاڪاراڻا طور تي موجوده حڪومت کي برطانيا کي هڪ ارب ڊالر جي ماليت جي هڪ شڪي بئنڪ اڪائونٽ جي نشاندهي ڪري چڪو آهي پر پاڪستاني حڪومت هن وقت تائين ان جو پتو لڳائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ناهي ڪئي، اهو اڪائونٽ ڪنهن جو آهي واري سوال تي موسوي جو چوڻ هو ته اهو اوهان پاڪستاني حڪومت کان پڇيو ان کي خبر آهي.  دلچسپ امر اهو آهي ته 13 جنوري تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو هو ته براڊ شيٽ جي انڪشاف مطابق هڪ پاڪستاني سياسي شخصيت هڪ ارب ڊالر برطانيا منتقل ڪيا هئا، پر براڊ شيٽ اڃا تائين حڪومت کي ان اڪائونٽ هولڊر شخصيت جو نالو ناهي ٻڌايو، موسوي الزام هنيو ته ان اڪائونٽ جي نشاندهي تي حڪومت جي هڪ نمائندي ان سان پنهنجي لاءِ ان ۾ ڪميشن جي ڳالهه پڻ ڪئي هئي، ڪاوي موسوي مطابق حڪومت سان ٺاهه ٿيڻ جي صورت ۾ هو شريف خاندان خلاف گڏ ڪيل شاهديون پاڪستاني حڪومت حوالي ڪري سگهي ٿو، ڪاوي موسوي وٽ شريف خاندان جي خلاف ڪهڙي نوعيت جون شاهديون آهن ۽ اهي هن ڪڏهن، ڪئين ۽ ڪٿان حاصل ڪيون اها ڪهاڻي پاڪستان جي سياسي منظرنامي تي اچڻ سان شروع ٿئي ٿي.ڪاوي موسوي ڪير آهي ۽ براڊ شيٽ ڪمپني جو پاڪستان سان ڪهڙو تعلق آهي؟ برطانيا ڄائو ڪاوي موسوي بنيادي طور تي انساني حقن جو وڪيل آهي، هو برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ قانون جي تعليم به ڏئي چڪو آهي ۽ عالمي مصالحتي عدالت ۾ ثالث جي طور تي ڪم ڪري چڪو آهي، آئل آف مين ۾ رجسٽرڊ اثاثن جو پتو لڳائيندڙ سندس ڪمپني براڊ شيٽ ايل ايل سي پهريون ڀيرو 2000ع ۾ پاڪستان آئي هئي، ان وقت جي فوجي حڪمران جنرل پرويز مشرف نيب لاءِ سندس خدمتون حاصل ڪيون هيون، ڪاوي موسوي مطابق جنرل پرويز مشرف خاص طور تي نواز شريف، محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي پرڏيهه ۾ موجود دولت جو پتو لڳائي رقم پاڪستان واپس آڻڻ ۾ دلچسپي رکندو هو پر اسان ڪنهن سياسي انتقامي ڪارروائي جو حصو بڻجڻ نٿي چاهيو جيڪو ان وقت ظاهر ٿي رهيو هو ته مشرف ڪرڻ چاهي پيو، ان ڪري اسان واضح ڪري ڇڏيو ته اسان صرف ٽن شخصيتن جي پويان نه ڏينداسين، شروعاتي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ نيب ۽ پاڪستاني حڪومت سان هڪ ٺاهه طئه ٿيو ۽ کين انهن ٽن شخصيتن سميت 200 هدفن جي هڪ لسٽ فراهم ڪئي وئي.ٺاهه تحت نيب کي کين گهربل دستاويز ڏيڻا هئا، جن جي بنياد تي براڊ شيٽ ايل ايل سي کي انهن فردن طرفان پرڏيهي ملڪن ۾ رکيل رقم جو پتو لڳائي ثبوت ڏيڻا هئا ۽ ان کي پاڪستان واپس آڻڻ ۾ مدد ڪرڻ هئي، هو چوي ٿو ته نيب اسان کي چيو ته اسان وٽ پئسا نه آهن، اوهان پئسا خرچ ڪيو، انهن فردن جي اثاثن جو پتو لڳايو ۽ لٽيل رقم واپس ڏيارڻ ۾ مدد ڪيو،ڪل رقم جو 20 سيڪڙو حصو اوهان کي معاوضي جي طور تي ڏنو ويندو، ڪاوي موسوي جي مطابق اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پئسن جو پتو لڳائي رهيا هئاسين ته ان مبينا طور ڪيترن ئي بئنڪ اڪائونٽن جي حوالي سان موذون شاهديون هٿ ڪري ورتيون هيون، جن مان ڪيترن ئي اڪائونٽن کي منجمند پڻ ڪرائي ڇڏيو هو. اوهان کي جنيوا ۾ خريد ڪيل نيڪلس جي ڪهاڻي معلوم آهي، اوهان کي جنيوا ۾ استعمال ڪيل ڪريڊٽ ڪارڊ جي ڪهاڻي به معلوم هوندي ۽ وري پاناما پيپرز سامهون اچن ٿا ۽ اسان کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏين ٿا جيڪو اسان کي ڄاڻڻ جي ضرورت هئي. پر جڏهن کانئس پڇيو ويو ته جن بئنڪ اڪائونٽن جو اوهان پتو لڳايو اهي ڪهڙا هئا ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ موجود هئا، ته موسوي جو چوڻ هو ته اڃا تائين اها معلومات عام ڪرڻ جا مجاز نه آهيون ڇو ته هي معاملو ان وقت برطانيا جي عدالت وٽ هو، پر جيڪڏهن ان حوالي سان ڏنل عدالتي فيصلو منظر عام تي اچي وڃي ٿو ته اوهان کي خبر پئجي ويندي جج ۾ ان ڇا لکيو آهي، هڪ مثال مان اوهان کي ڏئي سگهان ٿو ته اسان کي آمريڪي شهر نيوجرسي ۾ اڪائونٽس مليا، لنڊن ۾، سوئيٽزرلينڊ ۽ ڪيمن جزيري ۾ اڪائونٽس مليا، اسان واضح طور تي ڏسي سگهون ٿا ته اهي اڪائونٽس يا ته نواز شريف يا وري سندس معتبر دوستن جا هئا، پر سندس چوڻ هو ته ان کان اڳ هو انهن اڪائونٽن کي منجمند ڪرائڻ لاءِ حرڪت ۾ اچي فراڊ سان انهن کي هٽايو ويو. ياد رهي ته نيب براڊ شيٽ سان 2003ع ۾ ٺاهه ختم ڪري ڇڏيو هو، ڪاوي موسوي مطابق نيب موقف اختيار ڪيو هو ته براڊ شيٽ گهربل هدف حاصل نه ڪري سگهي هئي، براڊ شيٽ جي سربراهه مطابق حقيقت ان جي ابتڙ هئي، حقيقت ۾ اسان کي نيب کي لکين ڊالرز ماليت جي بئنڪ اڪائونٽن جو پتو لڳائي ثبوت ڏنا ۽ ان کي چيو ته هو اها رقم واپس آڻڻ لاءِ لاڳاپيل حڪومتن کي قانوني ڪارروائي لاءِ درخواست ڏئي ۽ درخواستون لکي به ڏنيوسين، هن دعويٰ ڪئي ته نيب نه صرف ان تي عمل نه ڪيو پر ٻئي ڏينهن تي نيب طرفان اسان کي چيو ويو ته اوهان ان هدف جو نالو لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو، ڪاوي موسوي مثال ڏيندي اڳوڻي گهرو وزير آفتاب خان شيرپائو جو نالو ورتو، سندس چوڻ هو ته هن شيرپائو جي هڪ لک ڊالر ماليت اڪائونٽ جو نيوجرسي ۾ پتو لڳائي نيب کي آگاهه ڪيو ۽ ان کي چيو ته اوهان نيوجرسيءَ جي عملدارن کي لکو ته جيئن اها رقم پاڪستان آڻي سگهجي، پر نيب اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ عملدارن کي لکيو ته اسان کي ان اڪائونٽ سان مسئلو نه آهي، ان ڪري اهو کوليو وڃي، ان کانپوءِ ان مان رقم ڪڍرائي وئي، ڪاوي موسوي مثال ڏيندي اڳوڻي گهرو وزير آفتاب شيرپائو جو نالو ورتو، سندس چوڻ هو ته آفتاب شيرپائو جي لکين ڊالر ماليت جي اڪائونٽ جو نيوجرسي ۾ پتو لڳايو، نيب کي آگاهه ڪيو ۽ کين چيو ته اوهان نيوجرسيءَ ۾ عملدارن کي لکو ته جيئن رقم پاڪستان آڻي سگهجي، پر نيب اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا عملدارن کي لکيو ته اسان کي ان اڪائونٽ سان مسئلو نه آهي، ان کي کوليو وڃي ۽ ان کانپوءِ ان مان رقم ڪڍرائي وئي ۽ گڏوگڏ شيرپائو کي گهرو وزير بڻايو ويو.ڪاوي موسوي جو چوڻ هو ته نيب هدفن جي پويان وڃڻ بابت فراهم ڪيل ڳجهي معلومات به ليڪ ڪئي، اسان هڪ هدف جي پويان ويندا هئاسين ته خبر پوندي هئي ته هو اڳ ئي اڪائونٽ مان پئسا ڪڍرائي اڪائونٽ بند ڪري نڪري ويو آهي، ڇو ته نيب اندران ڪير انهن کي اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيندو هو ته اسان ان جي پويان وڃي رهيا آهيون، ڪاوي موسوي مطابق جڏهن اسان ان حوالي سان نيب کان سوال ڪندا هئاسين ته هو انتهائي پڪائي جو مظاهرو ڪندي نه صرف ان جي ترديد نه ڪندا هئا پر اسان کي چيو ويندو هو ته اوهان ان شخص جو نالو هدفن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو، ڪاوي موسوي مطابق انهن لکين ڊالرز جي رقم ٽن سالن ۾ اڪائونٽس ۽ اثاثن جو پتو لڳائڻ تي خرچ ڪئي پر نيب انهن سان معاهدو ختم ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن به قسم جي ادائگي نه ڪئي.2004ع ۾ انهن رقم حاصل ڪرڻ لاءِ مصالحتي عدالت سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ان کانپوءِ نيب جي هڪ نمائندي اسان کي 5 لک پائونڊ وٺي جان ڇڏڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا وٺڻ کان اسان انڪار ڪري ڇڏيو، مون کين چيو ته جنرل صاحب ان ۾ ٻه زيرو ٻيا به لڳايو ڇو ته جيتري رقم جو اسان اوهان کي پتو لڳائي ڏنو هو، ان جو 20 سيڪڙو ايترو ئي ٿئي ٿو پر هو ان تي راضي نه ٿيو ۽ عدالتي ڪارروائي هلندي رهي، براڊ شيٽ جي موسوي دعويٰ ڪئي ته ان عدالتي ڪارروائي دوران 2012ع ۾ انجم ڊار نالي هڪ شخص انهن سان رابطو ڪري پاڻ کي نواز شريف جو ڀائٽيو ظاهر ڪيو، ان شخص چيو ته هو شريف خاندان خلاف اسان وٽ موجود ڄاڻ بابت ڳالهائڻ چاهي ٿو، هن الزام هنيو ته ان ملاقات دوران ان شخص شريف خاندان جي اثاثن بابت معلومات ۽ شاهديون سامهون نه آڻڻ عيوض 25 ملين ڊالر ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جنهن کي اسان اهو چئي ٺڪرائي ڇڏيو ته ان قسم جي ڪابه رقم مصالحتي عدالت ذريعي ادا ڪئي وڃي، پر جڏهن ان کان پڇيو ويو ته جڏهن هو 2003ع ۾ پنهنجي تحقيقات ختم ڪري چڪا هئا لڳ ڀڳ 10 سالن کانپوءِ شريف خاندان انهن سان رابطو ڇو ڪندو ته ڪاوي موسوي جو چوڻ هو ته شريف خاندان کي خبر پئي ته جڏهن به اهو معاملو مصالحتي عدالت سامهون ويندو ته جج ان جي تهه ۾ ويندو ۽ ائين هڪ ڀيرو ٻيهر سندن مبينا ڪرپشن وارو معاملو سامهون اچي ويندو، جيڪو هنن نٿي چاهيو. پر اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز مقامي ميڊيا ۾ ان بيان جي ترديد ڪري چڪو آهي، سندس چوڻ هو ته انهن جي خاندان ۾ ان نالي جو ڪو شخص آهي ئي ڪو نه ۽ اهو ته هڪ محقق جي حيثيت سان موسوي کي معلوم هجڻ گهرجي ها ته هو الزام هڻڻ کان اڳ ان جي تصديق ڪيئن ڪري سگهيو ٿي، جنهن جي جواب ۾ موسوي جو چوڻ هو ته ان شخص کيس نواز شريف جي گهر تي ان سان ڀاڪر پائڻ واريون پنهنجون تصويرون ڏيکاريون هيون ۽ گڏوگڏ منهنجي سامهون نواز شريف سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، آئون نواز شريف جي آواز کي سڃاڻي سگهيس ٿي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب براڊ شيٽ جي معاملي تي ويجهڙ ۾ ئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پرويز مشرف پاڪستان جا 600 ڪروڙ رپيا هڪ نجي ڪمپني کي ڏنا، جيڪا ان وقت 6 مهينا اڳ رجسٽرڊ ٿي هئي ۽ اهي 600 ڪروڙ رپيا ان لاءِ ڏنا ويا ته جيئن ان وقت جي چونڊيل وزيراعظم خلاف ڪيس ٺاهيا وڃن. بي بي سي جڏهن ڪاوي موسوي کان پڇيو ته شريف خاندان خلاف مبينا شاهدين جي ڄاڻ جڏهن صرف ان جي ۽ نيب جي وچ ۾ هئي ته شريف خاندان کي ڪيئن خبر پئي ته اهي شاهديون ڪهڙيون آهن ۽ ڪهڙي نوعيت جون آهن، جنهن لاءِ اهي ايڏي وڏي رقم ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا، ان جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اها ئي ڄاڻ نيب مان ئي ڪنهن شريف خاندان کي ڪنهن ڳجهي طور فراهم ڪئي هوندي، ڇو ته جڏهن شريف خاندان جي ان شخص اسان سان رابطو ڪيو هو ته اسان سوچيو هو ته ڇا اهو صرف اتفاق ٿي سگهي ٿو، اهو اتفاق نٿي ٿي سگهيو. سندس چوڻ هو ته نيب ۽ پاڪستاني حڪومت جي بدنيتي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي واضح هئي، جڏهن اسان نواز شريف جي پرڏيهه ۾ رکيل دولت جو پتو لڳائي رهيا هئاسين ته ان دوران جنرل مشرف کيس جهاز تي ويهاري سعودي عرب موڪلي ڇڏيو هو.موسوي جو چوڻ هو ته معاوضي جي رقم گهٽ ڪرائڻ لاءِ پاڪستان جي موجوده حڪومت سان ڪيل ڳالهين دوران 2018ع ۾ هن پاڪستاني حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو هڪ ڀيرو ٻيهر ارادو ظاهر ڪيو هو، موسوي مطابق موجوده حڪومت جي اندران ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪندڙ ڪجهه فردن کي کيس آڇ ڪئي ته اسان اوهان جو نئون ڪانٽريڪٽ ڪرائي ڇڏينداسين پر اهو ٻڌائي ته اسان جو حصو ڪيترو ٿيندو، سندس چوڻ هو ته ان کان فورن پوءِ هن سموري ڳالهه ٻولهه روڪي ڇڏي هئي.اسان انهن کي چيو هو ته اسان معاوضي واري ان رقم کي وسري وڃون ٿا، اچو ته گڏجي ان تي ٻيهر ڪم ڪريون ٿا، اسان ٺاهه جو هڪ مسودو به تيار ڪري ورتو هو پر وزيراعظم عمران خان جي حڪومت اندران ئي ڪجهه عنصرن ان ڪوشش کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيو. ڪاوي موسوي مطابق 2019ع ۾ لنڊن جي هڪ ڪيفي ۾ ملاقات دوران هن پاڪستاني حڪومت جي ڪجهه نمائندن کي هڪ ارب ڊالر ماليت جي هڪ شڪي اڪائونٽ بابت ٻڌايو پر انهن مان هڪ نمائندي کيس چيو ته ان ۾ سندس ڪميشن ڪيتري هوندي؟ مون فوري طور تي ان کي جواب ڏنو ته اسان ان قسم جو ڪم نٿا ڪريون ۽ مون فوري طور تي پنهنجي وڪيلن ذريعي پاڪستاني عملدارن کي ان بابت آگاهه به ڪري ڇڏيو، اسان کي جواب آيو ته اوهان لکي ڏيو، مون کين چيو ته ڇا اوهان واقع لکرائڻ چاهيو ٿا، ڇو ته اهو ته اوهان کي اڏائي ڇڏيندو، ويجهڙ ۾ پاڪستان ۾ مخالف ڌر جي ڪجهه پارٽين طرفان اهو الزام هنيو پيو وڃي ته اهو شخص مبينا طور شهزاد اڪبر پاڻ هو پر موسوي وضاحت ڪئي ته ساڻس ڪميشن بابت ڳالهائيندڙ شهزاد اڪبر نه هو.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو