185

سکر جي عدالت شهر ۾ غيرقانوني ٺهيل عمارتن کي خالي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي عدالت شهر ۾ ٺهيل گهڻ ماڙ عمارتن کي غيرقانوني قرار ڏيندي انهن کي جلد خالي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ ٿيل ٻڌڻي دوران عدالت چيمبر آف ڪامرس جي عمارت کي به غيرقانوني ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سکر شهر جي مرڪز ۾ ٺهيل گهڻ ماڙ عمارت آرڪيڊ ۽ ڊولفن ٽاور کي به غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي. عدالت غيرقانوني طور ٺهيل عمارتن کي جلد خالي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو