ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم 14 سالن کانپوءِ پاڪستان پهچي وئي آهي. ڏکڻ آفريڪا جو 38 ميمبرن تي ٻڌل اسڪواڊ خاص اڏام ذريعي ڪراچي پهتو، پروٽيز جي اڳواڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪوانٽن ڊي ڪوڪ ڪري رهيو آهي. ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل مئچ کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 26 جنوري تي ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ راولپنڊي ۾ 4 فيبروري تي شروع ٿيندي. سيريز ۾ شامل ٻئي ٽيسٽ مئچز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو هوندا، سيريز جا ٽيئي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل مئچز قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيا ويندا، جيڪي 11، 13 ۽ 14 فيبروري تي ٿيندا.
196