191

پاڪستاني وارنٽ نواز شريف جي برطانيا ۾ رهائش تي اثرانداز نٿا ٿي سگهن: برطانيا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان مان جاري ٿيندڙ گرفتاري وارنٽ نواز شريف جي برطانيا ۾ رهائش تي اثرانداز ٿي نٿا سگهن. پاڪستاني شهري جي اي ميل تي تي برطانيا جي پرڏيهي کاتي پاران ڏنل جواب ۾ چيو ويو آهي ته اسان نواز شريف جي برطانيا ۾ رهائش بابت باخبر آهيون، برطانيا جا اميگريشن قانون واضح آهن، اسان هر ڪيس ۾ قانون تي سختيءَ سان عمل ڪريون پيا. پرڏيهي کاتي جو چوڻ هو ته نواز شريف جا قانوني معاملا پاڪستان جي حڪومت سان آهن ۽ پاڪستان کان جاري وارنٽ نواز شريف جي برطانيا ۾ رهائش تي اثرانداز نٿا ٿي سگهن، جڏهن ته پوليس برطانوي عدالت جي اجازت کانسواءِ ڪنهن کي به گرفتار ڪري نٿي سگهي. برطانوي پرڏيهي کاتي پاران اهو به چيو ويو آهي ته برطانيا ۽ پاڪستان وچ ۾ جوابدارن جي ڏي وٺ جو معاهدو ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو