اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ جماعت اسلامي سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن صدارتي ريفرنس جي مخالفت ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرايو آهي ته سينيٽ چونڊون آئين تحت ئي ٿينديون آهن، آرٽيڪل 226 ۾ واضح آهي ته وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ کانسواءِ باقي سموري چونڊ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ٿيندي، آئين جي آرٽيڪل 59، 219 ۽ 224 ۾ سينيٽ چونڊن جو ذڪر آهي، آئين ۾ ڪل 15 چونڊن جو ذڪر آهي ۽ ان ۾ رڳو وڏي وزير ۽ وزيراعظم جي چونڊ کي ئي اوپن ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جواب ۾ چيو ته انڊين آئين ۾ سيڪرٽ بيلٽ جو ذڪر موجود ئي ناهي. ٻئي پاسي جماعت اسلامي به سينيٽ چونڊ بابت صدارتي ريفرنس جي مخالفت ڪندي سپريم ڪورٽ کي صدارتي ريفرنس جو جواب ڏيڻ بدران واپس اماڻڻ جي اپيل ڪئي آهي. جماعت اسلامي لکت ۾ پنهنجو موقف سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته اوپن بيلٽ لاءِ رڳو قانون نه پر آئين ۾ به ترميم ڪرڻي پوندي، چونڊون ڪيئن ڪرائڻيون آهن اهو فيصلو پارليامينٽ کي ڏنو وڃي، سينيٽ چونڊن تي آئين جي آرٽيڪل 226 جو لاڳو هجڻ لازمي آهي. جواب ۾ چيو ويو ته سينيٽ اميدوارن کي صادق ۽ امين هجڻ گهرجي، ووٽ خريد ڪرڻ وارو اميدوار صادق ۽ امين نٿو ٿي سگهي.
192