203

ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت، انگ 28 ٿي ويو

مٺي (ويب ڊيسڪ) ٿر  ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، هلندڙ مهيني فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 28 ٿي ويو آهي. رپورٽن مطابق سول اسپتال مٺي ۾ داخل 2 معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسپتال ۾ دوائن جي اڻهوند سبب ايندڙ مريضن کي پڻ پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو