222

ملائيشيا اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڪيو ۽ جهاز پنهنجي قبضي ۾ ورتو: غلام سرور خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ملائيشيا اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڪيو ۽ جهاز پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام سرور خان جو چوڻ هو ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي بيانن سان اختلاف ڪندي ن ليگي ڪارڪن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته چوڌري نثار پنهنجي تڪ لاءِ حلف نه کڻي عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪري رهيو آهي، هن کي اسيمبلي ۾ وڃڻ گهرجي ۽ نٿو وڃي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هن چيو ته پي آءِ اي جا 2 جهاز 2015ع ۾ ن ليگ جي حڪومت مهانگي ليز تي ورتا، ان جهازن جي ليز جون ۾ ختم ٿي وئي، ڪورونا سبب بروقت قسطون ادا نه ڪيون ويون، تحويل ۾ ورتل جهاز جي حوالي سان برطانيا جي عدالت ۾ اسان جو ڪيس لڳل آهي، پر ملائيشين عدالت ۾ اوچتو ڪيس ڪري اسان جي جهاز کي روڪيو ويو، 22 تاريخ تي برطانيا ۽ 24 تاريخ تي ڪوالالمپور جي عدالت ۾ اسان جا وڪيل پيش ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو