190

ڊاڪٽر عذره پيچوهو وفاقي حڪومت کي ڪورونا ويڪسين جي خريداري ۾ رڪاوٽ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو وفاقي حڪومت کي ڪورونا ويڪسين جي خريداري ۾ رڪاوٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو جو چوڻ آهي ته جهڙي ريت ڪورونا جون ٽيسٽون سنڌ حڪومت مفت ڪيون اهڙي ريت ويڪسين به مفت ۾ لڳائي ويندي، پر ويڪسين لڳائڻ کانپوءِ به ماسڪ پائڻو پوندو. هن وفاقي حڪومت کان ڪورونا ويڪسين خريدڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت اجازت ڏئي ته اسان پنهنجي ماڻهن لاءِ پاڻ ويڪسين خريد ڪنداسين. ڊاڪٽر عذره پيچوهو چيو ته سڄي صوبي لاءِ هڪ ئي وقت ڪورونا ويڪسين گهرائي نٿا سگهون، هر مهيني ٿورو ٿورو خرچ ڪري گهرائينداسين، ويڪسين نجي شعبي کان به خريد ڪري ماڻهن کي مفت لڳائڻ بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهائينديس. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪورونا ويڪسين لاءِ ٽن اسپتالن جي ڊائريڪٽرن کي خط لکيو آهي پر اسان سان رابطو ناهي ڪيو، هي مشڪل وقت آهي، اسان کي 70 کان 80 سيڪڙو ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻي آهي، ويڪسين لاءِ چين جي حڪومت سان ڳالهيون ٿيون پر حاصل ڪرڻ وفاق جو ڪم آهي، اسان چين کان سنئون سڌو ويڪسين نٿا وٺي سگهون، چيني ويڪسين جي ڪراچي يونيورسٽي، انڊس اسپتال ۽ آغا خان اسپتال ۾ ٽرائل ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو