195

ڪنهن سان ڳجها رابطا ناهن، بي اعتمادي رٿ آڻي سگهجي ٿي، پهرين پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو وڃي: بلاول ڀٽو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻي سگهجي ٿي، اليڪشن ڪميشن پهرين پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي پوءِ جنهن کي چاهي گهرائي سگهي ٿو. ڇنڇر ڏينهن بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته  پي ڊي ايم 19 جنوريءَ تي اليڪشن ڪميشن جي اڳيان احتجاج ڪري گهر ڪندي ته اليڪشن ڪميشن پهرين پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ ڪيس کي انجام تي پهچائي ان کان پوءِ جنهن کي چاهي طلب ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ بابت عوام کي آگاهه ڪيو وڃي، اسان کي ٻڌايو  وڃي ته پي ٽي آءِ کي ايترو گهڻو ناڻو ڏيندڙ ڪهڙا ماڻهو يا ڪهڙا ملڪ آهي، جيڪڏهن ڪو ڀارتي يا اسرائيلي فنڊنگ ڪري رهيو هو ته ان جو ڪو ته ڪارڻ هوندو. عوام کي انهن سمورين حقيقتن کان آگاهه ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان جا ڪنهن سان به ڪي ڳجها رابطا نه آهن. ان بابت ڪوڙيون خبرون هلايون  پيون وڃن. اسين ڪا غير جمهوري قوت نه آهيون جو طاقت جو استعمال ڪريون. وزيراعظم کي آئيني ۽ جمهوري طريقي سان ئي هٽائينداسين، بي اعتمادي رٿ جو آپشن موجود آهي. پي ڊي ايم مطالبو ڪري چڪي آهي ته هيءَ حڪومت استعفا ڏي. هن چيو ته سنڌ گئس پيدا ڪري ٿو پر ان کي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ گئس نه پئي ڏني وڃي، جڏهن ته آئين موجب سنڏ جي گئس تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو ئي آهي. هن چيو ته اسٽيل ملز جي 10 هزار پورهيتن کي بيروزگار ڪيو ويو، اسان کان پنهنجا ٻيٽ ۽ اسپتالون پڻ کسيون پيون وڃن.  وفاق هر معاملي ۾ زيادتي پيو ڪري، هاڻي اهو ظلم برداشت نه ٿا ڪري سگهون.حڪومت سينيٽ جي چونڊن واري معاملي تي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ اداري کي تڪراري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان معاملي ۾ عدالت جو ڪو به ڪردار ئي نه آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ويڪسين جي معاملي ۾ ملڪ گهڻو پوئتي آهي، ڀارت ۽ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ ويڪسين موجود آهي پر پاڪستان هن وقت تائين ويڪسين نه گهرائي آهي. لڳي ٿو ته ويڪسين لاءِ اسان کي گهڻو ئي انتظار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ويڪسين بابت اسان کي چيو ويو هو ته جنوري تائين پنهنجي تياري رکو ان ڪري اسان پنهنجي سڄي تياري ورتي پر اڃان تائين ويڪسين جي ملڻ جو ڪو آسرو ئي نه آهي. وفاقي حڪومت جو هر واعدو دوکو ئي نڪتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو