144

3 اسپتالون سنڌ حڪومت کي واپس ڪري سگهجن ٿيون، ٻيٽن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون: وفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ڪراچيءَ  جي ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪندي ان ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي. وفاقي حڪومت سنڌ ۾ موجود ٽي اهم اسپتالون پڻ واپس سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي  آهي ۽ ان سنڌ جي ٻيٽن تي ترقيءَ لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش پڻ طاهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڇنڇر ڏينهن ڪراچي ۾ رابطا ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ  وفاقي وزير اسد عمر سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل وفاقي وزير امين الاحق سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي جو عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏانهن تَڪي رهيا آهن تنهن ڪري پنهنجن سياسي اختلافن کي وساري اسان هن شهر جي ترقي لاءِ هٿ ملايو آهي. اسان وٽ سياست ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي پر جيتري تائين شهر جي ترقي جو سوال آهي ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي جيڪو سڀني لاڳاپيل سياسي پارٽين لاءِ ضروري آهي. سوال جي جواب ۾ اسد عمر چيو ته ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ کي آدمشماري بابت اعتاض آهن پر اها آدمشماري پي ٽي آءِ حڪومت نه ڪرائي آهي. مون کي چڱي ريت ياد آهي ته جڏهن به آدمشماري ڪرائي وڃي ٿي ته ڪونه ڪو اعتراض پيدا ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي ٻيٽن بابت ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون معاملي تي مختلف خيال رکن ٿيون ۽ بحث هلندڙ آهي. هن چيو ته آرڊيننس ختم ٿي چڪو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت  ٻيٽن گڏجي ڪم ڪن ته جيئن ترقي شروع ٿيڻ جو ڪو رستو ڳولهي سگهجي. جي پي ايم سي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ سان لاڳاپيل ٽن اسپتالن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اسد عمر چيو ته سپريم ڪورٽ جي آرڊر موجب هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي انهن اسپتالن جي نگراني وفاقي حڪومت حوالي ڪئي وئي. هن ڄاڻايل معاملي تي هڪ رستو ڪڍڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪندي اهي اسپتالون سنڌ حڪومت حوالي ڪري سگهجن ٿيون. جيتري حد تائين سنڌ حڪومت جو اين ايف سي ايوارڊ جي حصي بابت شڪايت ڪرڻ جو تعلق آهي ته صوبائي حڪومت وٽ پنهنجا دليل آهن ۽ وفاقي حڪومت جو ڪجهه ٻيو چوڻ آهي.  ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان جي حڪومت کي آدمشماري بابت اعتراض آهن جنهن کي هن لاڳاپيل فورم گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ اٿاريو هو. اسان چاهيون ٿا ته وفاقي حڪومت صوبي جي عوام جي شڪايتن جو ازالو ڪري. پنهنجن سڀني سياسي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ڪراچي جي وڏي مفاد خاطر اسان سڀئي اسٽيڪ هولڊرز (پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم) گڏجي شهر کي دنيا جي خوبصورت ۽ رهائش پذير شهرن منجهان هڪ ڪرڻ لاءِ رٿا تيار ڪري رهيا آهيون. صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن شهر ۾ مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن جن ۾ اهم برساتي پاڻي جي نيڪال، پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي، روڊ نيٽ ورڪ ۽ ٽرانسپورٽ جا شعبا شامل آهن. مراد علي شاهه چيو ته اسان ايندڙ چوماسي واري مند کان اڳ گندن نالن کي صاف ڪرڻ جي رٿ  ڪئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته نالن کي ٻيهر تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ لياري ۽ ملير ندي سميت ٽن وڏن نالن جو نيٽ ورڪ شامل آهي. محمود آباد، گجر، اورنگي ۽ انهن جا فيڊرز به بحال ڪيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران شروع ڪيل ٻين منصوبن ۾ ڪي فور، سيوريج ٽريٽمينٽ، روڊ نيٽ ورڪ، ملير ايڪسپريس وي، گرين لائن، ييلو لائن، اورينج لائن ۽ ڪي سي آر شامل آهن ڇاڪاڻ ته عمل ڪرائيندڙ ٽئي ايجنسيون سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ ڪي ايم سي آهن تنهن ڪري اسان سڀني گڏجي ڪم ڪيو آهي ته جيئن اهي منصوبا ترجيحي بنيادن تي ۽ وقت سِر مڪمل ٿين. محمود آباد گندي نالي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اهو هڪ پائلٽ پروجيڪٽ طور شروع ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اين اي ڊي انهن ٽنهيءَ وڏن نالن جي اسٽڊي ڪئي آهي ۽ انهن جي نئين سِر تعمير لاءِ هڪ منصوبو تيار ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو