179

مونيڪا واقعو نئون رخ اختيار ڪري ويو، وارثن هادل شاهه راشدي جي سيدن تي شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: گل سولنگي) مونيڪا لاڙڪ واقعو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي، وارثن هادل شاهه راشدي جي سيدن مٿان واقعي ۾ ملوث هجڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، سيدن طرفان 2 شڪي ماڻهو پوليس وٽ پيش، رپورٽ موجب پيرڳوٺ ويجهو ڳوٺ هادل شاهه ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل معصوم ٻارڙي جي واقعي ۾ نوان انڪشاف سامهون آيا آهن، وارثن پاران حويلي جي سيدن مٿان شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، مقتوله مونيڪا جي والد غلام شبير لاڙڪ ۽ چاچي ضمير حسين لاڙڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان کي شڪ آهي ته مونيڪا عطن شاهه جي حوالي ۾ ڪم ڪندي هئي، شڪ آهي ته مونيڪا  کي حويلي ۾ قتل ڪري لاش ڪيلن ۾ اڇلايو ويو آهي، سيدن جي ٻن نوجوانن ٻڌايو ته مونيڪا کي ڪيلن ۾ ڳوليو، انهن کي ڪيئن خبر پئي ته مونيڪا جو لاش ڪيلن ۾ پيل آهي؟ هنن چيو ته نياڻي جو لاش تازو هو، واقعي واري هنڌ مزاحمت جا ڪي به نشان نه هئا، لاش رات جو پيل هجي ها ته ڪتا پٽي وڃن ها، ٻارڙيءَ جي ٿانون مٿان ماڪ پيل به نه هئي سيدن کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، هنن چيو ته مونيڪا کي اندران پاتل سوئيٽر گم هو، کيس ڪنڌ ۾ ڪنڊو لڳل هو، جيڪو ليمي جي وڻ جو هو ۽ ليمي جو وڻ سيدن جي حويلي کانسواءِ علائقي ۾ ڪٿي به ناهي، هنن چيو ته پوليس مٿان اعتماد ناهي، جوابدارن کي بچايو ويندو، آرمي چيف ۽ چيف جسٽس هٿ وجهندا ته ٻن ڏينهن ۾ قاتل پڌرا ٿي پوندا. ٻئي طرف پوليس واقعي ۾ وڌيڪ 126 ڄڻن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي آهي، جنهن بعد انگ 335 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پوليس پاران 16 شڪي حراست هيٺ رکيو ويو آهي ۽ پوليس هادل شاهه حويلي جي ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف سيد برادري جي معزز سيد گل محمد شاهه پاران الزام هيٺ آيل ٻن نوجوانن عابد شاهه ۽ عبدالهادي عرف عادي شاهه کي ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي وٽ جاچ لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو