280

جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 117هين سالگرهه سن ۾ ملهائي وئي

ڄامشورو/سن (رپورٽ: حاڪم چانڊيو/ساگر سنائي) جديد قومپرستي جي باني سائين ايم سيد جي 17 هين سالگرهه جي موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سندس خاندان پاران هڪ عظيم الشان جلسو سنڌو درياهه واري بنگلي تي منعقد ڪيو ويو، جتي سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، روشن ٻرڙو ۽ ٻين گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي ٺاهڻ ۾ ڪنڀار وارو ڪردار ادا ڪيو، اسان ان جي ڪم کي اڄ به جاري رکيو آهي، سنڌ جي وجود، سنڌ جي ٻيٽن ۽ پنهنجي وسيلن جي مالڪي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون پر افسوس جو سنڌي قوم کي ڪجهه مفاد پرست پارلياماني پارٽيون استعمال ڪري رهيون آهن جيڪي اسان جي قومي مامرن تي مڱ وات ۾ وجهي ويٺل آهن، پ پ اسان کي هر دور ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ وقت اچڻ تي موقعي جو فائدو ورتو آهي، اسان پ پ پ جي ڪري پي ڊي ايم جو حصو نه ٿينداسين، بلوچ ۽ پختون ڀائرن سان گڏ جدوجهد ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، اسان جا نوجوان ۽ قومي ڪارڪن کنڀيا ويا آهن پر انهن بابت حڪمران جماعت وارا خاموش آهن. سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي ڪرپشن ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، سائين جي ايم سيد پير فقير نه هو، هن 24 ورهين جي ڄمار ۾ پيري مريدي کي ختم ڪيو، هن قوم کي سياسي فلسفو ڏٺو، اسان سنڌي قوم جي مفادن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، انشاءَ الله سنڌي قوم کي اسان جي جدوجهد سان حق حاصل ٿيندا، ان لاءِ اوهان کي طاقتور ٿيڻ لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي. پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سينيٽر عثمان ڪاڪڙ سالگرهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ فيڊريشن ملڪ آهي پر هڪ قوم نه آهي، ورهين کان اربين روپيا خرچ ڪيا ويا پر قوم هڪ نه ٿي سگهي آهي، ملڪ ۾ گهڻ قومي ملڪ آهي، جنهن ۾ سنڌي، بلوچ، سرائڪي، پنجابي ۽ بلوچ موجود آهن، سڀني جي پنهنجي ثقافت ۽ زبان آهي، مجبوري ۾ ون يونٽ هڻي پاڪستان کي هلايو پيو وڃي، اهڙي ظلم سبب بنگالي قومي آزادي ورتي ۽ غلامي مان نجات ورتي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌي غلام نه هئا، انگريز اچڻ کان اڳ پختون ۽ بلوچ غلام نه ھئا، 1940 وري قرارداد ۾ واضح لکيل آهي ته ملڪ ۾ الڳ الڳ رياستون هونديون پر ان تي عمل نه ٿيو، 1973 جو آئين انهن لاءِ ڪجهه ناهي، اسان هڪ اهڙو ملڪ چاهيون ٿا جنھن ۾ برابري هجي، فيڊريشن هجي، قومن جي وحدت ۽ اختيار هجي ۽ انهن قومن جو پنهنجي وسيلن تي اختيار هجي، ايوانن ۾ برابري هجي، هائوس آف فيڊريشن هجي جنهن کي وزيراعظم، چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف، پرڏيهي پاليسي گڏيل صلاح مشوري سان جوڙي وڃي. هن چيو ته  عمران خان جي قيادت ۾ 18 ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان ٻڌائڻ ٿا چاهيون وڌيڪ ترميم آڻڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، سنڌ جا ٻيٽ ۽ وسيلا سنڌين حوالي ڪيا وڃن، انهن جي زمين جو انچ انچ مالڪ قومن حوالي ڪيا وڃن، ننڍن صوبن کي ٽوڙڻ جي سازش بند ڪئي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جو ذميوار جنرل ضياءَ الحق آهي جنهن جي پوکيل دهشتگردي سبب اڄ قوم ڀوڳي رهي آهي، قوم جي قسمت جا فيصلا پارليامينٽ بجاءِ انهن کان ٻاهر ٿي رهيا آهن.  نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ جان محمد بُليدي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ قومپرستي مضبوط آهي، ان کي ڪچليو پيو وڃي، جيڪا قابضن جي ڀل آهي، سنڌي قوم، پختون، بلوچ تاريخي قومون آهن، انهن جي حق کي غضب نه ڪيو وڃي، انهن تي ظلم نه ڪيو وڃي، مظلوم قومن جي فڪري رهنمائن سائين جي ايم سيد، ولي خان، باچا خان ۽ ٻين جي فڪر مان رهنمائي ورتي وڃي. هن چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪيون ويون، ملڪ ايئن ناهي هلندو جو رات جي پيٽ ۾ صدارتي آرڊيننس آڻي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضا ڪيا وڃن، ڪٺ پتلي پارٽين ذريعي سنڌ بلوچستان کي ورهائڻ جي ڳالھه ڪئي وڃي ٿي، اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا ۽ اسان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي زمين کي ورهائڻ نه ڏينداسين، ان ڪري ضروري آهي ته قومن کي قبول ڪيو وڃي، انهن جي مالي وسيلن جو انهن کي حق ڏنو وڃي. هن چيو ته راتو رات پارٽيون ٺاهي ٻاهرين کي مدد ڏئي اقتدار ۾ آندو پيو وڃي جنهن جي ڪري پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو بڻجي ويو آهي، پاڪستان کي شڪي نظرن سان ڏٺو پيو وڃي، ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي، عالمي ادارن جي سروي پاڪستان جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. افسوس آهي جو اسٽيل مل کي بند ڪيو ويو آهي، عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪيا وڃن، ووٽ کي عزت ڏني وڃي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سائين جي ايم سيد جي 117 سالگرهه جي جلسي جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته جي ايم سيد ۽ سنڌ هڪ آهن، سائين جي ايم سيد جي گهڻ زخي شخصيت ۽ علمي فڪري اسڪالر هو جنهن مختلف موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪندي مذهبي، تاريخي ۽ عملي طور تي نوان گس ڏنا سندس فڪر عقيدي نه پر عمل تي ٻڌل آهي، سندس پيروڪاري مذهبي بنياد تي نه پر عمل جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد جي سياست جو محور سنڌ رهيو آهي، هن سياسي سفر جو پهريون ۽ آخري سفر سنڌو ديش نه هو، هن مختلف تحريڪن ۾ ڪم ڪندا چٽا مثال ڏنا آهن، جنهن سان گڏ نوجوانن پنهنجون علم جون ۽ جانين جو قربانيون ڏنيون ۽ شهادتون ڏئي وطن جو نالو مٿانهون ڪيو انهن کي سلام پيش ڪيون ٿا، سائين جي ايم عدم تشدد جو پوئلڳ هو، هن ڪڏهن به رياست کان رعايتون نه ورتيون پر اڄ جا حڪمران پيرن ۾ ڪريا پيا آهن، سائين جي ايم سيد جو هڪ مقصد هو ته سنڌ آزاد ملڪ هجي ۽ ان جا مالڪ سنڌي هجن. هن چيو ته اسان حق حاڪميت چاهيون ٿا، جن سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اها هن وقت ڌرتي تي ناهن رهيا، ايجنٽ ڪٿان جو هجي اهو ايجنٽ هوندو آهي اهو انقلاب سان قوم کي عزت ۽ آزادي ڏئي نه ٿو سگهي، هاڻي گمراهي پيدا ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن سنڌ جون قومپرست پارٽيون سياسي ارتقا، سنڌ جي بقا، پنهنجي ٻچن جو مستقبل چاهين ٿيون ته پارلياماني سياست جي مورچي مان جدوجهد ڪرڻ گهرجي ۽ جمهوريت جو حصو بڻجڻ گهرجي، هن وقت اسان مٿان پراڪسي ۽ خوف واري فضا قائم ڪئي وئي آهي. هن اديبن ۽ قلمڪارن کي اپيل ڪئي ته اهي پارلياماني پارٽين ۾ شامل ٿين، اسان سنڌ کي ۽ سنڌي قوم جي بقا لاءِ مضبوط اتحاد ٺاهي سگهون ٿا، مان هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، جي ايم سيد، سورهيه بادشاهه، حيدر بخش جتوئي عظيم انسان هئا پر سنڌ سڀني کان عظيم تر آهي.  جماعت اسلامي جي نائب امير  اسد الله ڀٽو ڳالھائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد  مثالي ڪردار هو، هن سنڌ کي وطن جي حيثيت ڏيارڻ ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن جي مالڪي ۽ سنڌي ثقافت بابت ڄاڻ ڏني، سندس شخصيت کي ڪتابي شڪل ۾ سامهون آندو  وڃي جنهن جي رواداري، علم، فڪر مان اسان جو نوجوان نسل مستفيد ٿئي. پروفيسر مشتاق ميراڻي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوانن کي فني تعليم ۽ سيڙپڪاري طرف اچڻ گهرجي، هن وقت سنڌ معاشي وسيلن جي ٿيندڙ ڦرلٽ ۽ غلط حڪمراني سبب سنڌ جي عوام مشڪل واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھي. جلسي کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ سيد زين شاهه، روشن ٻرڙو، عوامي تحريڪ جي ڏاڏا قادر رانٽو، عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ڪرم حسين وساڻ، عوامي نيشنل پارٽي جي جنرل سيڪريٽري يونس بونيري، ايس يو پي جي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، جڳديش آهوجا، پير خليل جان سرهندي، شيبا مغل، سيد غلام شاهه، امير بخش ٿيٻو، امير پنهور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي محبت ۽ سياست جو مرڪز سنڌ هئي، هو سنڌ عاشق هو، سائين جي ايم سيد هن خطي جو اهو واحد سياستدان هو جنهن جي زندگي جا خوبصورت ڏينهن بنا ڪنهن ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڪورٽن ۾ پيش ڪرڻ جي جيل ۽ نظربندي ۾ گذريا، سندس ڪردار مثالي هو ڇو جو سيد اڇي کير وانگر هو، سيد جي جدوجهد قومي غلامي مان نجات جي لاءِ  هئي. ان موقعي تي شاعرن قومي شاعري پيش ڪري سنڌ ۽ سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو