187

عمران خان فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڏوهاري آهي، پي ڊي ايم جي احتجاج ۾ شامل ٿي پاڪستان کي ناانصافين مان آجو ڪرايو: نواز شريف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف عمران خان کي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏيندي چيو آهي ته ڄاڻايل ڪيس گذريل 6 سالن کان اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ هو ۽ فيصلو رڳو ان لاءِ نه پيو ٿئي ته ڪٽهڙي ۾ بيٺل شخص جو نالو نواز شريف نه پر عمران خان آهي. لنڊن کان ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي وڊيو پيغام ۾ نواز شريف پنهنجي خلاف قانوني معاملن بابت چيو ته مون کي ڪڍڻ لاءِ تيز رفتاريءَ سان ڪارروائي ڪئي وئي، پاناما ڪيس ۾ تيزي سان منهنجي خلاف فيصلو آيو ۽ پٽ جي ڪمپني جي اقامي جي بنياد تي هڪ وزيراعظم کي برطرف ڪيو ويو. هن چيو ته هاڻي تصوير جو ٻيو رخ ڏسو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جو ڪيس 2014ع ۾ داخل ٿيو، هي ڪيس ن ليگ نه پر پي ٽي آءِ جي هڪ باني ميمبر داخل ڪيو، هن سادي ڪيس ۾ 70 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، پنهنجي سيني تي صادق ۽ امين جو تمغو سجائي هو چوندي ٿڪجي نه پيو ته انصاف جو عمل مون کان شروع ڪيو وڃي پر هاڻي هو پنهنجي اقتدار ۽ سرپرستن جي حمايت سبب انصاف جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. نواز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي 30 ڀيرا ملتوي ٿي، 8 ڀيرا وڪيل تبديل ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن جي 20 آرڊرن کي اڇلايو ويو، جن ۾ جمع ڪيل رقم ٻڌائڻ جو چيو ويو، معاملي کي ٽارڻ لاءِ اعليٰ عدالتن ۾ 6 مختلف درخواستون داخل ڪيون ويون ته جيئن ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، مارچ 2018ع ۾ اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي قائم ڪئي، جنهن کي چيو ويو ته هڪ مهيني ۾ رپورٽ ڏني وڃي پر خبر ناهي ته اڄ اڍائي سال گذرڻ باوجود به رپورٽ سامهون ڇو ناهي آندي وئي؟ نواز شريف چيو ته آڪٽوبر 2019ع ۾ هڪ آرڊر ۾ لکيو ويو ته هي ڪيس تاريخ ۾ قانوني عمل جو بدترين مثال آهي پر ڪنهن ڳالهه جو ڪو اثر نه ٿيو، عمران خان تازو ئي تسليم ڪيو ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ خرابيون ٿيون آهن ۽ پنهنجي عادت جيان هن ان جي ذميواري پنهنجي ايجنٽن تي وجهي ڇڏي، هي ايجنٽ رستي ويندڙ نه پر برطانيا ۾ باقاعده پي ٽي آءِ جي نالي سان رجسٽرڊ 2 ڪمپنيون آهن جيڪي عمران خان سبب وجود ۾ آيون آهن. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پي ٽي آءِ جي 23 اڪائونٽن جي ڄاڻ اليڪشن ڪميشن کي ڏني، عمران خان 15 اڪائونٽن کي لڪايو ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڏنل رپورٽ ۾ نه ٻڌايو جيڪو عمل قانون جي ابتڙ آهي. هن چيو ته 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن سامهون پي ڊي ايم احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي، ان لاءِ اوهان سڀني کي گذارش آهي ته پي ڊي ايم جو آواز بڻجي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ پاڪستان کي ناانصافين مان آجو ڪرايو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو