155

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب اهم شاهراهه بند، روڊ حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي سبب هوائي ۽ زميني سروس متاثر آهي. سخت ڪوهيڙي سبب لاهور ايئرپورٽ تي فلائٽ آپريشن معطل آهي، جڏهن ته موٽر وي ايم 4 فيصل آباد کان پنڊي ڀٽيان تائين ڪوهيڙي سبب بند ڪئي وئي آهي. موٽر وي ايم 3 لاهور کان عبدالحڪيم، ملتان خانيوال ۽ موٽر وي ايم 5 ملتان کان رحيم يار خان تائين ٽريفڪ لاءِ بند آهي. گجرات، حافظ آباد، مانگا منڊي، پتوڪي ۽ اوڪاڙه سوڌو ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي سبب زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. ڪوهيڙي سبب ٽوبا ٽيڪ سنگهه ويجهو ڪار ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو