183

فيصل آباد ويجهو روڊ حادثي ۾ هنڱورجا واسي هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي فوت، 2 ڄڻا زخمي

هنڱورجا (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ويجهو روڊ حادثي ۾ هنڱورجا واسي 4 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق اسلام آباد کان واپس ڳوٺ ايندڙ هنڱورجا واسين جي ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي ڊاڪٽر زبير ميمڻ جي گهر واري صائمه، 9 ورهين جو پٽ حذيفه، ٽن ورهين جي ڌيءُ حفظه ۽ 13 ورهين جي ڀائيٽي نشرا فوت ٿي ويا، جڏهن ته حادثي ۾ ڊاڪٽر زبير ميمڻ ۽ سندس 7 ورهين جو پٽ حمزه زخمي ٿي پيا، اطلاع تي موٽر وي پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي وارث هنڱورجا کان فيصل آباد روانا ٿي ويا آهن، هڪ ئي ڪٽنب جي 4 ڀاتين جي وڇوڙي تي سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو