177

آمريڪي پارليامينٽ ڀرسان چيڪ پوسٽ تان چيڪنگ دوران هڪ ڄڻو گرفتار، هٿيار هٿ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي گادي واري هنڌ واشنگٽن ۾ ڪيپيٽل هل (پارليامينٽ) ويجهو چيڪ پوسٽ تان هٿيارن سوڌو هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق ڪيپيٽل هل ويجهو چيڪ پوسٽ تان گرفتار ٿيندڙ شخص وٽان پسٽل، 500 کان وڌيڪ گوليون ۽ مئگزين هٿ ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل جوابدار حلف برداري جي ڪوڙي اجازت نامي تحت چيڪ پوسٽ تان گذرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو