165

راولپنڊي ۾ گهريلو اڻبڻت تان جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، ماءُ زخمي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ گهريلو اڻبڻت تان جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گولي لڳڻ سبب سندس ماءُ زخمي ٿي پئي. پوليس مطابق ٿاڻي مندره جي حد ۾ گهريلو اڻبڻت تان جوابدار احسن زيب پنهنجي سڳي ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گولي لڳڻ سبب سندس امڙ زخمي ٿي پئي، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو