174

ميرو خان ويجهو سڙيل لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي، اسپتال منتقل

ميرو خان (ويب ڊيسڪ) ميرو خان ويجهو هڪ ڄڻي جو سڙيل لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق ميرو خان ويجهو ڳوٺ گل محمد چانڊيو ۾ درگاهه پير غريب شاهه وٽان سڙيل جهوپڙي مان هڪ ڄڻي جو سڙيل حالت ۾ لاش هٿ آيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته سڙيل لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو