ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سپريم ڪورٽ جون 22 جج عورتون قتل ٿي ويون آهن. افغانستان جي حڪومتي عملدارن اهڙي حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هٿياربندن صبح جو ڪابل ۾ سپريم ڪورٽ جي عورت ججن تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 جج عورتون قتل ٿي ويون، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي، مقتول عورتن جا لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ ججن ۽ وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
166