اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ايسٽرا زينيڪا ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال فيبروري يا مارچ تائين هڪ نه، 2 نه پر 3 ڪورونا ويڪسينون اچي وينديون. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسد عمر جو چوڻ هو ته حڪومت آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ايسٽرا زينيڪا ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هلندڙ سال فيبروري يا مارچ تائين هڪ نه، 2 نه پر 3 ڪورونا ويڪسينون اچي وينديون.هن چيو ته سڀ کان پهرين ويڪسين لڳائڻ لاءِ 3 لک هيلٿ ورڪرن جي رجسٽريشن به ڪئي وئي آهي، ويڪسين بزرگ ماڻهن لاءِ به دستياب هوندي.
164