201

نوابشاهه ۾ سخت ڪوهيڙي سبب ڪيترين ئي گاڏين وچ ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 20 زخمي

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) نوابشاهه ۽ ڀرپاسي ۾ سخت ڪوهيڙي سبب ڪيترين ئي گاڏين وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق نوابشاهه جي قومي شاهراهه تي مختلف هنڌن تي سخت ڪوهيڙي سبب ڪيترين ئي گاڏين وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ پشاور واسي غفار خان ۽ ڪراچي واسي فاروق احمد فوت ٿي ويا، جڏهن ته هدايت الله، تيمور، عاطف، آيت الله، خليل احمد ۽ جهانزيب سوڌو 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو