ليکڪ: دين محمد ميربحر
هونءَ ته اسان جي صوبي جي تعليم ان جي معيار ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن تي سوال اٿندا رهيا آهن. هر طرف تعليم جي معيار نه هجڻ، صلاحيتن ۽ وسيلن جي اڻ هوند ته وري ڪڏهن هيومن ريسورس جو مسئلو وري ڪڏهن ايندڙ قدرتي آفتن جي سبب تعليم جو ڪافي سارو نقصان ٿيو. پوري ملڪ ۾ فقط سنڌ صوبو آهي جنهن ۾ تعليم جي حوالي سان گهمسان اٿيو جيڪو ڪنهن ٻئي شعبي جي لاءِ نه اٿيو هوندو، ان ۾ حڪومتن جي غير سنجيندگي، جمهوري ادارن جو تسلسل نه هجڻ، هر دورِ حڪومت ۾ نوان قانون آرڊيننس يا ايڪٽ پاس ٿيڻ، ترميمون ٿيڻ سبب به ادارن جي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي سٺي نه رهي. خاص طور تي 2010ع واري ٻوڏ کان پوءِ ته صورتحال ڪافي حد تائين بگڙي رهي هئي. ايتري قدر جو انتهاپسندي ۽ ٻيون معاشي بيماريون تيزيءَ سان اسان وٽ اچي رهيون هيون.انهن سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه بين الاقوامي ادارن جهڙوڪ USAID سنڌ حڪومت جي ٻانهن ٻيلي ٿي ڪري هڪ اهڙو جامع ۽ پوري ملڪ ۾ مثال ڪندڙ منصوبو جوڙيو جيڪو هن وقت پوري ملڪ نه پر ننڍي کنڊ جي لاءِ پڻ هڪ وڏو مثال آهي. ان منصوبي تحت حاصل ٿيندڙ فنڊن جو بهتر استعمال ۽ عوام تائين ڀرپور نموني انهن جو ثمر پهچائڻ لاءِ Public-Private Partnership جي پاليسي جوڙي وئي، جنهن تحت تعليم جي بهتري لاءِ بنيادي ڍانچو قائم ڪرڻ ان ۾ معياري نصابي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوام کي ان ۾ گڏ کڻي ڪم ڪرڻ جي لاءِ نجي ادارن، فردن ۽ عوام کي ذميواريون ورهائي هڪ بهترين ماڊل جوڙيو ويو آهي. جنهن ۾ بين الاقوامي يعني نيويارڪ ۽ واشگنٽن جي ڊيزائين ۽ نوعيت جا بهترين اسڪول تعمير ڪيا ويا آهن، مٿي ڄاڻايل پاليسي تحت انهن اسڪولن جي تعمير، سکڻ ۽ سيکارڻ جي لاءِ درڪار بهترين ماحول، تعمير ٿيل اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون جن جو معيار پڻ تمام گهڻو بهتر رکيو ويو آهي، انهن اسڪولن ۾ نصابي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ نصابي سرگرمين کي وڏن شهرن جي طرز تي آڻڻ لاءِ بين الاقوامي ادارن، سنڌ حڪومت جي تعليم واري شعبي، نجي ڪمپنين ۽ فلاحي ادارن کي هر قدم تي مٿي ڄاڻايل پاليسي تحت گڏ کڻي بهترين تعليم فراهم ڪرڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. سنڌ حڪومت جي تعليم واري شعبي تحت هڪ خود مختيار ادارو Sindh Basic Education Program جوڙيو ويو، جنهن ۾ وري مختلف منصوبا جوڙيا ويا، مثال طور مادري زبان جي سکيا ۽ نصاب جوڙڻ، اسڪولن جي تعمير، عوام کي گڏ کڻي هلڻ ۽ نجي ادارن جي شراڪتداري لاءِ هڪ الڳ ڊائريڪٽوريٽ جوڙيو ويو. ان پروگرام تحت پهرين مرحلي ۾ سرڪاري اسڪولن کي اسڪول ڪنساليڊيشن پاليسي تحت هڪ مرڪزي اسڪول جوڙي ان ۾ ننڍا آسپاس جا اسڪول گڏائي ڪئمپس اسڪول قائم ڪيا ويا، انهن اسڪولن ۾ مادري زبان جي لاءِ سکيا ۽ نصابي عمل جنهن ۾ استادن جي تربيت به شامل هئي منصوبو شروع ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ ڪميونٽي موبلائزيشن جي منصوبي تحت ڳوٺاڻن يا رهواسين کي اسڪول جي سرگرمين، اسڪول جي ايس ايم سي ۽ اسڪول جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ذميواريون ڏنيون ويون ۽ ها ان ۾ ٻارن جي داخلا جي لاءِ مهم پڻ هلايون ويون. مرڪزي اسڪولن جي تعمير واري منصوبي تحت مرڪزي اسڪول جي پراڻين بلڊنگن کي ڊاهي پٽ ڪري جديد عمارتون تعمير ڪيون ويون، جيڪي نيويارڪ ۽ واشنگٽن جي اسڪولن جيان تعمير ڪيون ويون آهن، انهن ۾ مغربي دنيا جيان تمام سهولتون جهڙوڪ لائبريري، آفيسون، اسٽاف روم، راندين جو ميدان ۽ بهترين ڪشادا ڪلاس روم، زلزلي ۽ ٻين قدرتي آفتن جهڙوڪ آسماني بجلي ڪرڻ کا بچاءَ ۽ ٻوڏ وغيره ۾ به اسڪول بچيل رهندا، اهو ماحول ڏسي ڳوٺاڻن ۽ شهرين پنهنجا ٻار نجي اسڪولن مان ڪڍرائي داخل ڪيا آهن، جتي 70 کان 80 ٻار مس ايندا هئا اتي هاڻي 400 کان 1500 تائين ٻار داخلا لاءِ آيا. وري هڪ بهترين عمل يعني پبلڪ پرائيويٽ پاليسي تحت نجي ادارن خاص طور تي فلاحي ادارن کي انهن اسڪولن کي هلائڻ لاءِ موقعو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ اهي ڏهن سالن تائين ان اسڪولن جي سار سنڀال، بنيادي سهولتن ۾ واڌ ۽ ٻارن جي سکڻ جي عمل کي جديد طرز تي هلائين ته جيئن تعليم جو معيار بلند ٿي سگهي. ۽ ان پاليسي جو فائدو اهو پڻ ٿيو جو جيڪڏهن سرڪاري طور تي ڪنهن به قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ جڏهن به ڪو عمل شروع ٿيندو هو ته آفيسرن جي بدلين، ڪرپشن، يا وري آڊٽ ۽ پروڪيورمينٽ سسٽم جو ڊگهو هلڻ ڪري اسڪولن ۾ سهولتون فراهم نه پئي ٿي سگهيون، پر هاڻي جن نجي ادارن کي اها ذميواري ڏني وئي آهي انهن تيزيءَ سان اهي سهولتون فراهم ڪيون ۽ ٻارن جي لاءِ ترقي يافته ملڪن ۾ موجود اسڪولن جهڙو ماحول جوڙيو جنهن سان نه فقط ٻارن جي دلچسپي پيدا ٿي آهي پر والدين ۽ ڪميونٽي جي پڻ دلچسپي وڌي آهي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ پهريون ڀيرو داخلائون جڳهه نه هجڻ سبب بند ڪيون ويون. تقريبا ڪجهه اسڪولن ۾ ته 1400 کان 1800 ٻار به داخل ٿيا آهن. جتي سنڌ سرڪار پنهنجو ڪم بهتر ڪيو اتي نجي ادارا به اڳتي آيا ۽ انهن پنهنجو ڪم بهتر نموني سر انجام ڏنو، انهن بنيادي سهولتن ۾ اضافو ڪيو جهڙوڪ پورو اسڪول هاڻي سولر بجلي، ڪمپيوٽر ليب ۽ وڏيون ايل اي ڊي ٽي ويون، سي سي ٽي وي ڪئمرائون جو نظام، سيڪيورٽي گارڊز جيڪي ڪڏهن پهرين ڪنهن سرڪاري اسڪولن ۾ نه فراهم ڪيا ويا، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هاڻي سنڌ صوبي جي تعليم بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي، رڪاوٽون هونديون آهن پر اهڙا منصوبا سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي تعليم لاء ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندا رهندا ته اهو وقت پري نه آهي جو اسان جو صوبو ٻين صوبن توڙي پوري دنيا ۾ تعليمي ميدان ۾ گوءِ کڻي وڃي.