ليکڪ: زين سولنگي
شهيد فاضل راهو جي 34هين ورسي 17 جنوري 2021ع تي ملهائي پئي وڃي. هُو سنڌ ڌرتي جو حلالي پٽ هو، جنهن سنڌ جي ڀلي جي خاطر سڄي زندگي جدوجهد ڪئي. هن پنهنجي حياتي ۾ نه ڪڏهن گارڊ رکيو نه وري هٿيار، چوندو هو ته مرڻو هڪ ڏينهن آهي پوءِ ڇا؟ ھو هڪ بهادر سياستدان هو. پاڻ هميشه گاڏي تي اڪيلو سفر ڪندو هو، خاص طور تي ڊاٽسن استعمال ڪندو هو. گهران نڪرڻ کانپوءِ جيڪو به ماڻهو هٿ ڏيندو هئس ته ان کي رستي تان کڻندو هو يا وري ڪنهن پوڙهي مرد يا عورت پيادل ويندي ڏٺائين ته ان کي رستي تان کڻي سندن منزل تي پهچائيندو هو. فاضل راهو 17 جنوري 1934ع ۾ ضلعي بدين جي ننڍي ڳوٺ راهوڪي ۾ پيدا ٿيو هو. 4 درجا پاس ڪرڻ بعد مائٽاڻو ڌنڌو يعني ٻني ٻاري جي ڪم سان لڳي ويو. 20 سالن جي عمر تائين هن مال به چاريو ۽ زمين به آباد ڪئي. ان دوران هن جو مزاج وڏيرا شاهي ۽ ظالم قسم جي ماڻهن کان نفرت وارو هو. هو پورهيتن، هارين، غريبن ۽ مظلومن جو خيرخواهه هو. سڄي حياتي انهن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪيائين. ماڻهن کي چوندو هو ته حالتن سان گڏ هلو ته مقصد پاڻهي پورو ٿي ويندو. شهيد محمد فاضل راهو پنهنجي سياسي جدوجهد دوران 1970ع ۾ رسول بخش پليجي سان گڏجي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو. پاڻ ان جا جنرل سيڪريٽري به رهيا. 1983ع جي ايم آر ڊي جي تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. فاضل راهو وڏيرن جي اک ۾ ڪنڊو هو، ڇاڪاڻ جو هو غريب هارين، پورهيتن ۽ مظلومن جي حقن خاطر سچائي ۽ ايمانداري سان وارثن جو وارث ۽ هيڻن جو همراهه ٿي حق جي ميدان ۾ بيهي راشي ڪامورن، عزت عصمت جي ظالم لٽيرن سان وڙهي غريبن جا حق ۽ لڄون واپس ڪرائي ڏيڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو هو. شهيد فاضل راهو سنڌي ۾ ووٽر لسٽن کي شايع ڪرڻ واري تحريڪ، اينٽي ون يونٽ موومينٽ، مارچ 1968ع ۾ صحافين جي جدوجهد هجي يا هارين جي حقن جي جدوجهد انهن سڀني ۾ هن صف اول جو ڪردار ادا ڪيو. پاڻ جيل، ڪوڙن، جيلن جي کولين، لائسنس وارن هٿيارن ۾ سزائون ملڻ بعد به انقلابي جدوجهد تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو. شهيد فاضل راهو جدوجهد دوران ڪئي دفعا جيل ۾ رهيو، نارا جيل حيدرآباد، مچ جيل بلوچستان، لانڍي جيل ڪراچي، ڪوٽ لکپت جيل، سينٽرل جيل ڪراچي، سينٽرل جيل سکر، سينٽرل جيل خيرپور، سينٽرل جيل حيدرآباد، ڊسٽرڪٽ جيل بدين وغيره ۾ رهيو. شهيد فاضل راهو کي وقت جي حاڪمن پنهنجي ارادن تان هٽائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون پر هو نه وڪاميو نه وري هٽيو. شهيد فاضل راهو جي وڌندڙ جدوجهد، مقبوليت، ڪاميابي کي ڏسي 17 جنوري 1987ع تي گولاڙچي شهر ۾ سنڌ جي هن حلالي پٽ کي شهيد ڪرايو ويو. دشمنن سمجهيو هو ته فاضل راهو کي شهيد ڪري فاضل جي جدوجهد جو خاتمو اچي ويندو اها سندن ڀل هئي، فاضل راهو جي جدوجهد اڄ به جاري آهي، اڄ به سنڌ ۾ پرمار خلاف ساڳي نفرت آهي، اڄ به سنڌ جا هاري ۽ ناري جدوجهد جي ان ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهيا آهن، اڄ به جتي مظلوم سان ناانصافي ٿئي ٿي اتي فاضل جو نالو بلند ٿئي ٿو ۽ اڄ به شهيد فاضل جو موڀي پٽ محمد اسماعيل راهو پنهنجي والد جي تسلسل کي جاري و ساري رکيو پيا اچن.
اهڙا مانجهي مرڻا نه آهن،
ويس مٽائي ورڻا آهن.
هرسال 17 جنوريءَ تي راهوڪي ۾ شهيد فاضل راهو يادگار ڪاميٽي پاران شهيد محمد فاضل راهو جي ورسي ملهائي ويندي آهي، جنهن ۾ ملڪ جا ناميارا سياستدان، اديب، ليکڪ ۽ دانشور اچي شهيد فاضل راهو جي ڪيل تاريخي جدوجهد، سندس شخصيت تي روشني وجهندا آهن.