166

منهنجي تخيل جي بلند ترين هستي

ليکڪ: زهير حسين حيدري

دل ۾ گهڻي وقت کان هڪ تمنا،هڪ جستجو۽ هڪ خلش هئي ته ان عظيم المرتبت هستيءَ جي حضور، انتهائي عجز ۽ انڪساريءَ سان پنهنجي عقيدت جا ڪي اکر پيش ڪريان ۽ انهن جذبن کي ڪنهن ڪاغذ جي حوالي ڪري، موجود ۽ ايندڙ نسلن تائين پهچائي پنهنجي نجات جو ذريعو بنايان. اها هستي جنهن جو ڪچين سرن ۽ گاري جو ٺهيل  گهر ملائڪن جي آماجگاهه هو، جنهن ۾ ڪمالِ نبوت به سلام ڪري پوءِ داخل ٿيندي هئي، جنهن گهر ۾ امامت و عصمت گڏوگڏ پلبا رهيا، هي گهر ڪو عام گهر نه هو، هي ڪائنات جي سمورن گهرن کان منفرد گهر هو، هي اهو گهر هو جنهن وٽان لنگهندڙ هر شريف النفس جو ڪنڌ پاڻمرادو جهڪي ويندو هو. هن گهر مان شرافتِ انساني جا درس جاري ٿيا، عفت و عصمت واري زندگي گذارڻ جا گُر مليا، هن گهر مان حريت و مساوات جا انقلابي آواز بلند ٿيا، جن جا پڙاڏا صدين تي محيط آهن.هتان ظلم ۽ زبردستي خلاف تحريڪن جا طريقا مليا، مسڪين،مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن جي داد رسائيءَ هن در تي ٿي، پاڻ بکيو رهي بکين جا پيٽ ڀرڻ وارا هن گهر ۾ نظر آيا. مصيبتون ايتريون آيون جو ڏينهن تي پون ته راتيون بڻجي پون پر ڪمالِ صبر ۽ ضبط جا پيڪر هن گهر ۾ نظر آيا، ظلم کي مظلوميت سان مات ڏيڻ وارا هن گهر ۾ ڏٺا ويا، شجاعت، عبادت، رياضت، سخاوت، فصاحت، بلاغت، شهادت، زهد، تقوا، يتيم ياوري، غريب پروري، دليري، دلاوري سڀ هڪ جڳهه تي سواءِ ان گهر جي ڪٿي نظر نه آيا، هيءَ اها پاڪيزه صفت هستي آهي جنهن جي ذڪر کي زبان تي آڻڻ لاءِ زبان کي درود سان وضو ڪرائڻ واجب بڻجي وڃي ٿو. ان جي تذڪري سان ڪمتري برتري ۾ بدلجي وڃي ٿي، زبان ۾ آيل لُڪنت بيباڪي ۽ شعله بياني ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ ان ذڪر جو ڪمال اِهو آهي ته ذڪر ڪرڻ وارو فخر کان قداور بڻجي وڃي ٿو. اُها منهنجي موضوع جي بلند ترين هستي، جنهن تي لکڻ کان اڳ پنهنجي ڪم علمي جو اعتراف ڪندي، سندن شان جو حقي حق ادا نه ڪرڻ جو اقرار ڪريان ٿو. هيءَ اها هستي آهي جيڪا سراپا سچي، طهارت و حقانيت جي عظيم علمبردار آهي، ان کي مقصودِ ڪائنات حضرتِ ختمي مرتبت ”امِ ابيها“ (پنهنجي پيءُ جي امان) جو لقب ڏنو. اها هستي آهي منهنجي ذهن جي عظيم آئيڊيل، عالمه، غيرِ معلمه، طاهره، زاڪيه، راضيه مرضيه سيده فاطمته الزهرا سلام الله عليها، جنهن جو ڪمالِ فضائل اهو آهي ته هوءَ يارنهن صاحبِ عصمت نسلِ امامت جي ماءُ آهي. هوءَ ان فرزند جي به ماءُ آهي جنهن جي ظهور جي انتظار ۾ قيامت به رُڪيل آهي. هن جو بابو امام الانبياءُ، هن جو ور امام الاولياءُ ۽ امام المتقين، هن جا فرزند حسن عه ۽ حسين عه سيدالشهداءُ ۽ سيدالشباب اهل الجنته، هن جي ماءُ اسلام کي پالڻ واري مليڪته العرب خديجته الڪبرا، هن جو سُهرو محسنِ رسالت، سردارِ عرب ابو طالب، هن جي سس فاطمه بنتِ اسد جنهن رسول الله جي پرورش ماءُ بڻجي ڪئي، هيءَ نجيب الطرفين ڪمالات جي وارث، هيءَ شجرهءِ ابراهيمي جو تسلسل، هيءَ حسب ۽ نسب ۾ نورا في الاصلاب الشامخته والارحام المطهره، هيءَ انما يريد الله جي آيت جي سند سان طهارت واري بتول، هيءَ اها هستي جنهن جو تعارف جيڪڏهن ڪائنات جو خالق به هن انداز ۾ ڪرائي ته ”هن چادر ۾ فاطمه آهي، فاطمه جو پيءُ آهي فاطمه جو ور آهي ۽ فاطمه جا فرزند آهن“. ان فاطمه عه جو فضائل مون جهڙو لا علم ڇا بيان ڪري سگهي، جيڪا ابراهيم خليل الله جي دعاءِ “قال و من ذريتي”جي قبوليت جو اهڃاڻ بنجي وڃي ۽اُها امامت جيڪا حضرت ابراهيم خليل الله جهڙي پيغمبر به امتحان ڏيئي حاصل ڪئي هُئي،(واذابتلى ابراهيم ربهه بکلمات فاتمهن قال اني جائلک لناس امامه. القرآن) اِها امامت جڏهن ابراهيم عه کي ملي ته اُن خدا کان دعا گهُري ته (قال ومن ذريتي )اِها امامت منهنجي نسل ۾ ڏي ۽ خالق پنهنجي خليل سان قال لا ينال عهدالظالمين جي وعدي  تي نسلِ فاطمه ۾ رکي ۽ فاطمه ع اُن ذريتِ ابراهيمي جي وارث بنجي يارنهن امامن جي ماءُ آهي. هن هستيءَ جي وجود کي خالقِ ڪائنات پنهنجي محبوب لاءِ عظيم عطيو قرار ڏيندي وڏي فخر سان فرمايو ته ”انا اعطينا ک الکوثر“ مون تو کي فاطمه جي صورت ۾ ڪوثر عطا ڪيو. جنهن مان مراد ته توکي ڪثرتِ اولاد عطا ڪيو. ڪوثر ۽ ڪثير ۾ فرق آهي، ڪثير وڌائڻ سان پلٽي وهي ويندو۽ کُٽائڻ سان قليل ٿي ويندو پر ڪوثر کي ڪيترو به گهٽائڻ ۽ کُٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي يا پنهنجي مرضيءَسان وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي اهو ممڪن نه آهي. هن ڪوثر جي اولاد کي هر دور ۾ تلوارن، تيرن، تبرن، بمن، بارودن ۽ قلم جي نوڪ سان قلم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر انهن جي وجود کي مٽائڻ وارا خود تاريخ جي تهن ۾ غرق ٿي هميشه لاءِ صفحئه هستيءَ تان حرفِ آخر جيان مٽجي ويا. هن هستيءَ جي بلند مرتبي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته  نبين جو سردار، محمد مصطفيٰ صه نبين جي سَٿَ ۾ اچي ته نبي ان جو استقبال ڪن ۽ جيڪڏهن فاطمه عه نبيءَ جي محفل ۾ اچي ته نبين جو سردار اُٿي بيهي استقبال ڪري. پيءُ تي لازم ناهي ته ڌيءَ جو استقبال ڪري، پر هي پروٽوڪول جو مسئلو آهي. استقبال هميشه مقام جي برابريءَ مطابق ٿيندو آهي، وزير ايندو ته وزير ۽ ٻئي ملڪ جو وزيراعظم ايندو ته وزيراعظم استقبال ڪندوآهي، سيده فاطمه ع ڌيءَ ضرور هُئي پر هُو عالمين جي عورتن جي سردار هُئي ۽ محمد مصطفيٰ صه عالمين جو سردار هو. جڏهن عالمين جي عورتن جي سرداري آئي ٿي ته پروٽوڪول جي تقاضا هُئي ته عالمين جو سردار ان جو استقبال ڪري. اِن ڪري اِن کي ائين چئي سگهجي ٿو ته پيءُ هڪ ڌيءَ جو استقبال نه پر هڪ سردار ٻئي سردار جو استقبال ڪيو ٿي.

        هلندڙ

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو