169

وفاق پاران سنڌ سان گڏجي ڪم ڪرڻ وارو بهتر فيصلو

ايڊيٽوريل

سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ڪراچيءَ  جي ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪندي ان ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي. وفاقي حڪومت سنڌ ۾ موجود ٽي اهم اسپتالون پڻ واپس سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ڇنڇر ڏينهن ڪراچي ۾ رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ  وفاقي وزير اسد عمر سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل وفاقي وزير امين الاحق سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي جو عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏانهن تَڪي رهيو آهي، تنهن ڪري پنهنجن سياسي اختلافن کي وساري اسان هن شهر جي ترقي لاءِ هٿ ملايو آهي. اسان وٽ سياست ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي پر جيتري تائين شهر جي ترقي جو سوال آهي ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي جيڪو سڀني لاڳاپيل سياسي پارٽين لاءِ ضروري آهي. سنڌ جي ٻيٽن بابت ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون معاملي تي مختلف خيال رکن ٿيون ۽ بحث هلندڙ آهي. هن چيو ته آرڊيننس ختم ٿي چڪو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت  ٻيٽن تي گڏجي ڪم ڪن. جي پي ايم سي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ سان لاڳاپيل ٽن اسپتالن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اسد عمر چيو ته سپريم ڪورٽ جي آرڊر موجب هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي انهن اسپتالن جي نگراني وفاقي حڪومت حوالي ڪئي وئي. هن ڄاڻايل معاملي تي هڪ رستو ڪڍڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪندي اهي اسپتالون سنڌ حڪومت حوالي ڪري سگهجن ٿيون. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان جي حڪومت کي آدمشماري بابت اعتراض آهن جنهن کي هن لاڳاپيل فورم گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ اٿاريو هو. اسان چاهيون ٿا ته وفاقي حڪومت صوبي جي عوام جي شڪايتن جو ازالو ڪري. پنهنجن سڀني سياسي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ڪراچي جي وڏي مفاد خاطر اسان سڀئي اسٽيڪ هولڊرز (پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم) گڏجي شهر کي دنيا جي خوبصورت ۽ رهائش پذير شهرن منجهان هڪ ڪرڻ لاءِ رٿا تيار ڪري رهيا آهيون. صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن شهر ۾ مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن جن ۾ اهم برساتي پاڻي جي نيڪال، پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي، روڊ نيٽ ورڪ ۽ ٽرانسپورٽ جا شعبا شامل آهن. مراد علي شاهه چيو ته اسان ايندڙ چوماسي واري مند کان اڳ گندن نالن کي صاف ڪرڻ جي رٿ  ڪئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته نالن کي ٻيهر تعمير ڪيو پيو وڃي.

اسان اڳ ئي چوندا آيا هئاسين ته جمهوريت جو حسن هڪٻئي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ ۾ ئي آهي ۽ اِها ڳالهه بهتر آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي مينڊيٽ کي تسليم ڪندي ان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، ٻڌيءَ ۾ ئي طاقت آهي. دنيا ۾ جتي به هڪٻئي جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو ويو آهي اتي ترقي ٿي آهي. اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت کي آدمشماريءَ بابت سنڌ جي اعتراضن تي سنجيدگيءَ سان سوچي فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ ٻيٽن سميت ٻين معاملن تي آئيني حدن ۾ رهي صوبائي حڪومت ذريعي ئي ماڻهن جا خدشا ختم ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي، جيڪڏهن شروع کان اهڙو رويو رکيو وڃي ها ته هِن وقت ڪراچي سميت صوبي جي صورتحال مختلف هجي ها، پر هاڻ به گهڻي دير نه ٿي آهي، جيڪڏهن نيڪ نيتيءَ سان ڪم شروع ڪجي ته منزل ضرور ملي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو