ليکڪه: فائزا پير بخش انصاري
سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو آجپي جا علمبردار ۽ نظرين جا باني ٿي گذريا آهن، سائين جي ايم سيد جو نالو به انهن ۾ هڪ آهي. سندس پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد محمد شاهه هو. پاڻ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سنڌ جي مشهور شهر سن ۾ پيدا ٿيو ۽ ننڍي ھوندي ئي حسين ۽ ذهين، ٻين ٻارڙن کان مختلف، سندس لاڙو علم ڏانهن ڏسندي سندن والد کين پهرين جولاءِ ۱۹۱۰ع ۾ پنهنجي ئي شهر سن جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي رڳو ڇهن درجن تائين پڙهايو ويندو هو. سائين جي ايم سيد محنت سان شفيق استادن جي نگرانيءَ ۾ 6 درجا پاس ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۱۵ع ۾ عربي، فارسي محترم قاضي محمد هاشم ميمڻ کان ۽ انگريزي ماستر حامد علي هالائي کان پرائي. پاڻ ۱۶ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سياست ۾ پير پاتائون. ۱۹۲۵ع ۾ سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ تعلقي مانجهند جو صدر ۽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو نائب صدر چونڊجڻ کانپوءِ جيڪي سماجي ڪم ڪرايا سي سڀ قابل تعريف ۽ سنڌ واسين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ساڳئي وقت سائين جي ايم سيد جو سنڌ سونهاري سان عشق جو اظھار به ڪن ٿا. پاڻ سنڌ ھاري ڪاميٽي قائم ڪئي، جيئن سنڌ جو غريب ھاري پنھنجي پيرن تي بيھندي پنھنجي ڪٽنب کي خوشحال بڻائي سگھي. سندس ٻيو اھم ڪم اھو ھو ته ان دور ۾ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي گذر سفر واري ڪرت ماھيگيري مڇي مارڻ واري ھئي، جنھن ڪري پاڻ ڪراچي ۾ مالدار ميربحر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌائون، جيئن ماھيگيرن کي مانائتي زندگي گذارڻ جا موقعا ميسر ٿي سگھن. سندن ٽيون اھم ڪم ڳوٺاڻين عورتن جي ڀلائي لاءِ ھڪ جماعت ٺاهڻ آهي، جنھن جي ذمي ڪيل مقصدن ۾ عورتاڻي تعليم، ھٿ جو پورھيو، ويم جون سھولتون ۽ ٻارڙن جي پالنا بھتر نموني ڪرڻ شامل ھئا. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتائين. ڇو ته سنڌ جي حوالي سان تحريڪ ھجي ۽ عاشق اڳتي نه اچي ائين ٿي نه ٿو سگھي، ان ئي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد تحريري تقريري مطلب ته ھر موڙ، ھر موقعي تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جيڪو وساري نه ٿو سگھجي ۽ اھڙي جدوجھد جي ڪري اپريل ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪيو ويو ۽ مٿان وري ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊون وڙھيو ۽ بعد ۾ ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ”پاڪستان“ جي قيام واري تاريخي قرارداد پيش ڪري پاس ڪرائي، جنھن ۾ سنڌ کي ھڪ خودمختيار رياست طور رکڻ جي رٿ ڏنل ھئي، جنھن کي تڪميل تائين پھچائڻ لاءِ سائين جي ايم سيد ھر ممڪن ۽ ھر موقعي مھل تي ڪوشش جاري رکي. ايتري ۾ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو ۽ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سنڌ جي عاشقي عيوض ھن ھر ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀرپور مذمت ڪئي، پوءِ ڀلي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ ھجي يا ون يونٽ جون ڳالھيون يا وري ايوب خان جي مارشل لا، مذمت دوران تڪليفن ۽ پريشانين کي به مسڪرائيندي مُنھن ڏنائين، پر سنڌ جي عاشقي تان ھٿ نه کنيائين، ان دوران آيل تڪليفون ته سيد جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪنديون رھيون، جنھن جي نتيجي ۾ ۳،۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي هن قومي تحريڪ واري جدوجھد شروع ڪئي، جنھن جو بنياد سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ، سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ جھڙن اھم نقطن تي رکيو ويو. ۱۹۹۲ع تي نشترپارڪ ڪراچي ۾ جلسو ڪرايو ويو، جنھن ۾ سيد جي ۸۹ھين سالگرهه ملھائي وئي، جنھن ۾ سائين جي ايم سيد تاريخي سپاس نامو پيش ڪندي نيو ورلڊ آرڊر جي روشني ۾ سنڌ جو ڪيس وضاحت سان پيش ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ سيد کي وقفي وقفي سان جيل ۽ نظربنديءَ جون سزائون به ڏنيون ويون. عدم تشدد جي قائل سنڌ جي ھن عاشق ۳۲ سال ۱۰ مھينا ۲۱ ڏينھن تڪليفون برداشت ڪندي آخري گھڙي تائين امن، اتحاد، ڀائيچاري، عزت، احترام، ترقي ۽ خوشحالي جھڙا سبق ڏيندي سنڌ سان لاتل ننڍپڻ واري نينھن کي نڀائيندو رهيو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي چوٽي جو سياستدان ۽ عالم هو. ١٩٤٣ع ۾ هي پاڪستان جي حق ۾ برطانوي سنڌ اسيمبلي (هاڻي پاڪستان جو حصو) مان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. سن جي سيد جي فڪر جي اها تيز بارش هئي، جنهن وستي وستي ۾ پنهنجي فڪر جا پياڪ پيدا ڪيا، هرطرف هجوم ئي هجوم وطن دوستيءَ جي ريشم ڌاڳي ۾ پوئجڻ لڳا، اهو سيد جو ئي فڪر هو، جنهن زمانن تي کيپ چاڙهي ڇڏيا ۽ ايندڙ زمانا هن جي فڪر جي گھاٽي ڇانوري ۾، نٽهڻ اُس ۾ جلندڙ جسم پنهنجي وجودن کي سڙڻ کان بچائي سگھندا. سيد جي فڪر جي مئڪدي مان جنهن به سُرڪي ڀري، اهو انساني آزاديءَ جو متوالو بڻجي ويو ۽ ڌرتيءَ کي ڌرمن کان مقدس ڀانئين ان جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ پنهنجو جيون ارپي ڇڏيو ۽ انهن پنهنجي پوري حياتي، ان هرڻ جي مثل گذاري، جنهن کي پنهنجي ناف جي خوشبوءِ هميشه سرگردان رکيو. سائين جي ايم سيد انساني وجودن کي ڌرتيءَ سواءِ بي معنيٰ سمجهيو ۽ وجودن کي ڪارائتو قرار ڏيڻ لاءِ انهن کي ڌرتيءَ جي تحريڪ سان ڳنڍي ماڻهن کي تاريخ ۾ زندهه رهڻ جو هنر سيکاريو، ان سان گڏ اهو به آرٽ سيکاريو ته تحريڪن اندر ٿيندڙ سازشن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪردار جي پاڪائي ۽ استقامت جو هجڻ انتهائي لازمي آهي. هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ سياسي رهنما هئڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو آهي. هو هڪ عالم، اديب ۽ محقق هو. هن پنجاهه کن ڪتاب لکيا ۽ سندس سوانح ۽ شخصي خوبين تي ڪئين ڪتاب لکجي چڪا آهن. سيد صاحب جي ڪتابن ۾ ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”پيغام لطيف“، ”جيئن ڏنو آهه مون“، ”جديد سياست جا نورتن“، ”سنڌ جا سورما“، ”موجوده سياسي مسئلا“، ”جنب گذاريم جن سين“، (ٻه ڀاڱا) ”رهاڻ“، (ميران محمد شاهه جا خط) ”شاهه لطيف جون ڪافيون“، ”ساهڙ جا سينگار“، ”علامه آءِ آءِ قاضي جا خط“، ”ديارِ دل ۽ داستان محبت“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”چونڊ ادبي مضمون“، ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“، ”واڄٽ ويراڳين جا“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ٻه جلد) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب سندن تحريرون، تقريرون، مضمون ۽ مقالا، سنڌي قوم لاءِ، ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ اثاثو آهن. سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن معرفت وطن دوستيءَ جو، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو، صداقت ۽ محبت جو سبق ڏنو. سندن حوصلا بلند ڪيا، کين اٿاهه مايوسين ۽ نااميدين جي ڪُنن مان ڪڍيو. اديبن ۽ ادبي سنگت کي ڪم ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو. ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي ۽ محبت جي جذبي جا سبق ڏنا ته کين غفلت ۽ گمراهيءَ مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا. هو شاهه جو وڏو شيدائي هيو، شاهه جي شاعريءَ معرفت هُن سندس پيغام کي ماڻهن تائين منفرد نموني پهچايو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ واسين کي پنهنجي هر شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو آهي، کيس معلوم هو ته جيستائين قوم ۾ خودشناسي ۽ خودداري پيدا نه ٿيندي، تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت پيدا نه ٿيندي. لطيف سائين بابت سندس خيال آهي ته، ”منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي شاهه جي ڪلام مان جا نمايان ڳالهھ ڏسڻ ۾ ايندي سا سنڌ ڌرتيءَ جي اڪير ۽ محبت آهي، سنڌين جي خانه جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري“. پاڻ شاهه جي ڪلام مان منتخب واين ۽ ڪافين جو مجموعو پڻ ترتيب ڏنائون. اهڙيءَ ريت سندن ادبي ۽ علمي ڪوششون اعليٰ پايي جون آهن. سندن هر تحرير، هر ڪتاب مقصدي ادب آهي. سيد صاحب جو حياتيءَ ۾ انيڪ سياستدانن، عالمن، اڪابرن، مفڪرن، اديبن، شاعرن، آفيسرن، وزيرن، اميرن، ملڪ جي سربراهن ۽ ٻين شخصيتن سان واسطو رهيو ۽ انهن مان ڪيترن سان اڪثر خط و ڪتابت پڻ رهي. جنهن مان سندن حياتيءَ جي مختلف رخن تي روشني پوي ٿي. ساڻس سنڌ جون وڏيون شخصيتون واسطي ۾ هيون، جيئن سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر ايوب کهڙو، پير حسام الدين راشدي، ميران محمد شاهه، محمد صديق ميمڻ، ميان امين کوسو ۽ ٻيا ڪيترا اهم ماڻهو هئا. ميان امين کوسي ۽ ميران محمد شاهه سان خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب رهاڻ ڇپيل آهي. سيد صاحب جي حياتيءَ ۾ خط و ڪتابت جي تحرير کي خاص اهميت هئي. پاڻ پنهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر درِ شهوار کي سندس لنڊن ۽ ڪراچيءَ جي تعليم واري دور ۾ گهڻا خط لکيائون، جن مان ڪجهه خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ جي عنوان سان ڇپيل آهي. ان کانسواءِ سندن ڪتاب، ”جديد سياست جا نورتن“، ۾ جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشديءَ جا خط آهن. هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب کين هن ريت مخاطب ڪيو آهي: ”منهنجا پيارا سيد، زندگيءَ جو لطف ئي وڃي هليو، جڏهن ان کي ماڻهن جي ٺاهيل قانونن جي تابع بڻائجي ٿو. ان کي آزاد ڪرڻ سان ئي جاودان بڻائڻو آهي. دستورن جي طابع ڪڏهن به زندگيءَ ۾ موج نه آندي آهي. اهو انقلاب ئي آهي جو ان ۾ دائمي تازگي کي پيدا ڪري ٿو، پاڻ کي انقلاب جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏ، زندگي چرپر جو ٻيو نالو آهي.“ سيد صاحب خود پنهنجي حياتيءَ بابت لکي ٿو: ”مون کي جي ڪابه ڳالهه آٿٿ ڏيندڙ رهي هُئي ته اُها هيءَ هُئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي، خود مطلبيءَ، چاهه طلبيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آلائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي. سائين جي ايم سيد جو وصال ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي، ۹۱ سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ٿيو. سائين جي شخصيت تي لکڻ لاءِ ان پائي جو ڪو اديب ئي لکي سگهي ٿو ڇو ته قلم مون سان ساٿ ڪونه ٿو ڏي. سيد تي لکڻ سج سان اکيون ملائڻ جي برابر آهي. اهو سيد جنهن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ سنڌ سان پيار سمايل هو. سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ سنڌ سميت پوري دنيا لاءِ امن ۽ اخوت سمايل آهي ۽ سندس لکڻيون عالم کي جهيڙا جهٽا ڇڏي، قرب ۽ محبت سان رهڻ جو درس ڏين ٿيون. اسان کي اميد آهي ته سنڌ جو نوجوان نسل سائين جي ايم سيد جي فڪر تي عمل ڪندي سنڌ سميت پوري دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ جاکوڙ ڪندو.