ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ميهڙ ۾ ٽن گهرڀاتين ڪرم الله چانڊيو، مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو جي قتل واري واقعي کي 3 سال گذري ويا آهن، انصاف لاءِ عدالتن جا چڪر ڪاٽيندڙ ام رباب چانڊيو پنهنجي ڏاڏي، پيءُ ۽ چاچي جي ٽئين ورسي ملهائي. عدالتن مان انصاف جي منتظر ام رباب چانڊيو جي اڳواڻي ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ فريد آباد کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف هنڌن تان ٿيندي گهنٽا گهر چوڪ تي پهتي، جتي جلسو ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته ڪرم الله چانڊيو، مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو جي قاتلن کي سزا ملڻ تائين جدوجهد جاري رکنديس.
234