178

ڪوالالمپور ۾ تحويل ۾ ورتل پي آءِ اي جهاز جا مسافر ڏيهه پهچي ويا، انتظاميا خلاف احتجاج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪوالالمپور ۾ تحويل ۾ ورتل پي آءِ اي جهاز جا مسافر ڏيهه پهچي ويا آهن، ڏيهه پهتل مسافرن انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي سهولتون نه ملڻ جون دانهون ڪيون آهن. رپورٽن مطابق ڪوالالمپور ۾ تحويل ۾ ورتل پي آءِ اي جي جهاز جا 65 مسافر متبادل اڏام ڪيو آر 631 ذريعي دوحا رستي اسلام آباد پهچي ويا آهن. ڏيهه پهتل مسافرن انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته انتظاميا ليز نه ڀري ۽ اسان کي فني خرابي جو ڪوڙو سبب ٻڌايو ويو، جڏهن ته ان دوران اسان کي نه سٺي رهائش ڏني وئي ۽ نه ئي بهتر کاڌو مهيا ڪيو ويو.هنن چيو ته هن وقت تائين سندن سامان به ڪوالالمپور ۾ ڦاٿل آهي، جنهن جي واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو