153

گرفتارين جو احتساب سان ڪو تعلق ناهي، خواجا آصف کي لاڏلي جي فرمائش تي گرفتار ڪيو ويو: سعد رفيق

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ن ليگي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته گرفتارين جو احتساب سان ڪوبه تعلق ناهي، خواجا آصف کي لاڏلي جي فرمائش تي گرفتار ڪيو ويو. سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي نالي تي آمريت مڙهي وئي آهي، هي ملڪ جي واحد حڪومت آهي جيڪا فساد پيدا ڪري پئي، گرفتاريون اسان جي نظريي کي مضبوط ڪن پيون، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان سياسي جدوجهد جاري رکنداسين. هن چيو ته پي ڊي ايم جا وڏا مقصد آهن، پي ڊي ايم جو مقصد حڪومت ڪيرائي پنهنجي حڪومت ٺاهڻ نه پر ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي آهي، اسان جو مطالبو آهي ته آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، عدالتن تي دٻاءُ وجهڻ ۽ سياسي انتقام وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو