جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ خوفناڪ زلزلي سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 56 ٿي ويو آهي، جڏهن ته لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي. رپورٽن مطابق انڊونيشيا جي ٻيٽ سولاويي ۾ امدادي ڪمن دوران عمارتن جي ڍير هيٺيان وڌيڪ 8 لاش ملڻ کانپوءِ جمعي ڏهاڙي آيل زلزلي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 56 ٿي ويو آهي. زلزلي سبب 820 ماڻهو سخت زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته معمولي زخمي ٿيندڙن جو انگ 2 هزار کان وڌيڪ آهي، زلزلي سبب 15 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.
165