171

ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو اچڻ کانپوءِ پروٽيز ڪراچي ۾ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي دوري تي پهتل ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ ٻئي اسٽاف جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچڻ کانپوءِ مهمان ٽيم ڪراچي جيم خانه ۾ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق ڪراچي پهچڻ کانپوءِ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي رانديگرن  آفيشل ٽيم جون ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، اسڪواڊ ۾ شامل 27 رانديگرن ۽ عملي جي 11 ڄڻن جون رپورٽون منفي آيون. ٽيسٽ رپورٽون ناڪاري اچڻ کانپوءِ ٽيم ڪراچي جي جيم خانه ۾ سخت سيڪيورٽي هيٺ ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو