219

اليڪشن ڪميشن کي آئون ته نٿو چئي سگهان پر رڳو هڪ طرفو احتساب نه ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماري تي اسان جا سخت اعتراض آهن ڇاڪاڻ ته منهنجي حساب سان سنڌ جي آبادي  6 ڪروڙ کان به وڌيڪ آهي پرآدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي  4 ڪروڙ 70 لک جي لڳ ڀڳ ٻڌائي وئي آهي، آدمشماري ۾ نه رڳو سنڌ سان تمام زيادتي ٿي آهي پر سي سي آئي جي اجلاس  ۾ سنڌ سميت  بلوچستان ڪنهن حد تائين خيبرپختونخواهه به اعتراض ڪيا آهن، آدمشماري جو مامرو هر صورت ۾ سي سي آئي جي اجلاس ۾ اٿاربو. ٺٽي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي چاليهي جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته  2012 ۾ استادن جي آسامين تي تعداد کان وڌيڪ ڀرتين جو معاملو ٿيو هو ۽ ان بابت جتي جتي جاچ پڙتال ٿيندي پئي وڃي اتي ڀرتين جو معاملو ڪليئر ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي ماڻهن کان روزگار کسڻ نه پر ماڻهن کي روزگار ڏيڻ تي يقين رکي ٿي، پي ٽي آئي فارن فنڊنگ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته  منهنجي نظر ۾ اهو اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي جنهن جي ذريعي سڀ ڳالهيون سامهون اچي ويون آهن ۽ ان جو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن کي آئون ته نٿو چئي سگهان پر رڳو هڪ طرفو احتساب نه ٿيڻ گهرجي. مڪلي قبرستان کي نقصان پهچائڻ ۽خدشن جو اظهارڪرڻ بابت پڇيل هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته ان ڏس ۾ ثقافت کاتي جي لاڳاپيل عملدارن ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي ته جيئن اسين ان کي يقيني بڻايون ته مڪلي قبرستان کي ڪو نقصان نه ٿئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آئي وارا جيڪا ڪم خراب هوندا آهن انهن کي گذريل حڪومتن تي وجهي ڇڏيندا آهن ۽  انهن جا سٺا ڪم پاڻ وٺي ڇڏيندا آهن، حقيقت سڀني جي سامهون آهي. سينيٽ جون چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي  ڪرائڻ بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اهو مامرو سپريم ڪورٽ ۾ آهي  ۽ اسان جو جواب سپريم ڪورٽ ويندو. وڏي وزير چيو ته آئين ۾ تمام واضح آهي ته وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ  کان علاوه جيڪي به چونڊون ٿيڻون آهن اهي خفيه بيلٽ ذريعي ٿينديون. سنڌ جي وڏي وزير چاليهي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سيد اعجاز علي شاهه شيرازي سنڌ جو ناليوارو سياستدان هو جنهن سنڌ ۽ خاص طور تي ٺٽي جي  عوام جي بي انتها خدمت ڪئي جنهن کي وساري نٿو ڪري سگهجي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چاليهي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سيد اعجاز علي شاهه شيرازي هڪ انسان دوست شخصيت جو مالڪ هو جيڪو دل سان عوام جي بنا ڪنهن فرق خدمت ڪندو هو ۽ سندس ويجهو هرخاص ۽ عام برابر هو. ان موقعي تي مرحوم سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي مغفرت ۽ بلند درجات لاءِ اجتماعي دعا پڻ ڪئي وئي. تقريب ۾ سنڌ جي اطلاعات  ۽ بلديات سيد ناصر حسين شاهه،مرحوم سيد اعجاز علي شاهه جي پٽ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي،ايم پي اي سيد رياض حسين شاهه شيرازي ، ايم پي اي سيد شاهه حسين شاهه شيرازي، ايم پي اي ا مدادعلي پتافي، تاج حيدر، وقار مهدي،محمد علي ملڪاڻي، ارباب وزير ميمڻ ،ڊي آئي جي حيدرآباد شرجيل کرل سميت ضلعي ٺٽي جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن کان علاوه ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو