178

ڀارتي هاري مودي سرڪار سان مهاڏو اٽڪائڻ لا تيار، هريانه مان هڪ لک ٽريڪٽر آڻڻ جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي هاري مودي سرڪار کي ڏکيو وقت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن ۽ مظاهرين نام نهاد ڀارتي يوم جمهوريه جي موقعي تي رڳو هريانه مان هڪ لک ٽريڪٽر آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نجي ٽي وي چينل موجب ڀارت ۾ هارين جي ٽريڪٽرن تي 26 جنوري تي دهلي پهچڻ جون تياريون اوج تي پهتل آهن، هريانه، پنجاب ۽ راجستان سميت مختلف رياستن مان هارين 20 جنوري کان ئي ٽريڪٽر مارچ شروع ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري ورتي آهي. دهلي ٻاهران سنگو بارڊر تي ڌرڻي ۾ ماڻهن جو انگ پڻ وڌي رهيو آهي، هاري اڳواڻن تڪراري زرعي قانونن جي واپسي تائين پوئتي نه هٽڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته حڪومت ۽ مظاهرين وچ ۾ ڳالهين جا 9 مرحلا ناڪام ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو