158

ملڪ ۾ ڪورونا سبب بند پيل تعليمي ادارا ٻيهر کلي ويا، نائين کان ٻارهين درجي تائين تدريسي عمل شروع، شاگردن جي حاضري گهٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر سبب 26 نومبر کان بند ڪيل تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل جي مرحليوار بحاليءَ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جنهن تحت نائين کان ٻارهين درجي تائين جا اسڪول کلي ويا آهن. رپورٽن مطابق تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 2 مهينن تائين تعليمي ادارا بند رهڻ کانپوءِ نائين کان ٻارهين درجي تائين جي ڪلاسن جو تعليمي سلسلو اڄ کان بحال ٿي ويو آهي، تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته شاگردن کي سماجي وٿي برقرار رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. تعليمي عمل بحال ٿيڻ جي پهرين ڏينهن تي ادارن ۾ شاگردن جي حاضري گهٽ رهي، جڏهن ته ٻئين مرحلي ۾ پهرين کان اٺين ڪلاسن جا شاگرد پهرين فيبروري کان اسڪول ويندا، ان کانسواءِ يونيورسٽيون به پهرين فيبروري تي کوليون وينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو