185

لاهور جي خانگي هاسٽل مان شاگردياڻي جو پنکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ، آپگهات جا چوٻول

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي ٽائون شپ واري علائقي ۾ واقع خانگي هاسٽل ۾ شاگردياڻي مبينا طور رئو پنکي ۾ ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق لال جهانيان ميلسي واسڻ 24 ورهين جي اقرا لاهور جي نجي يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي، سندس پيءُ فوت ٿي چڪو آهي ۽ هوءَ ٽائون شپ واري علائقي ۾ واقع خانگي هاسٽل ۾ رهندڙ هئي، هاسٽل جي ڪمري مان سندس لاش پنکي ۾ لٽڪيل هٿ آيو آهي. پوليس مطابق اطلاع تي هاسٽل پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي، خودڪشي ۽ قتل سميت سمورن رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو