176

مودي جي فاشسٽ حڪومت بالاڪوٽ واقعي کي اليڪشن لاءِ استعمال ڪيو، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي، عالمي برادري نوٽيس وٺي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي، عالمي برادري نوٽيس وٺي، مودي جي فاشسٽ حڪومت بالاڪوٽ واقعي کي اليڪشن لاءِ استعمال ڪيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مودي جي فاشٽ حڪومت بالاڪوٽ واقعي کي اليڪشن لاءِ استعمال ڪيو، مودي چونڊون کٽڻ لاءِ خطرناڪ فوجي ايڊونچر ڪيو، جنهن سان سڄو خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿي پئي سگهيو پر پاڪستان ذميواري جو مظاهرو ڪري خطي کي بچايو. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارتي صحافي جي تازين ڳالهين مان ڀارتي ميڊيا ۽ مودي حڪومت جو ڳٺ جوڙ وائکو ٿيو آهي، مون 2019ع ۾ گڏيل قومن ۾ تقرير دوران ڀارتي سازشن کي وائکو ڪيو، عالمي برادري ڀارت جي جنگي جنون جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته پاڪستاني ذميواري باوجود مودي سرڪار ڀارت کي انتهاپسند رياست بڻائڻ وارو ڪم جاري رکيو اچي، مودي ڀارت کي اهڙو ملڪ ٺاهڻ چاهي ٿو جيڪو ٻين ملڪن لاءِ خطرو ثابت ٿئي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي، عالمي برادري نوٽيس وٺي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو