172

پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ: امير علي شاهه ۽ ارباب غلام رحيم آمهون سامهون، پولنگ شروع

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پ پ ايم پي اي سيد علي مردان شاهه جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيل پي ايس 52 عمرڪوٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ وارو عمل شروع ٿي ويو آهي. ڄاڻايل سيٽ تي 12 اميدوار ميدان تي لٿل آهن، جڏهن ته پ پ اميدوار سيد امير علي شاهه ۽ جي ڊي اي اميدوار اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن. پولنگ وارو عمل صبح 8 وڳي کان شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو. پولنگ اسٽيشن ٻاهريان رينجرز ۽ پوليس اهلڪار وڏي انگ ۾ مقرر ڪيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو