ميرانشاهه (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ اڻڄاتل شرپسندن پوليس چيڪ پوسٽ کي بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق اتر وزيرستان جي ديهه ميرانشاهه ۾ دتا خيل روڊ تي ڳوٺ احمد خليل بابري وٽ نئين ٺهندڙ پوليس چيڪ پوسٽ کي اڻڄاتل شرپسندن بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو آهي، شرپسند ڪارروائي کانپوءِ رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انتظاميا مطابق واقعي وقت چيڪ پوسٽ تي ڪوبه موجود نه هو، جنهنڪري ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو آهي، پوليس ثبوت گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
