184

ڪراچي ۾منشيات فروشن پوليس ٽيم تي گاڏي چاڙهي ڇڏي، اهلڪار شهيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڊفينس 5 ۾منشيات فروشن ڪارروائي دوران پوليس ٽيم تي ڪار چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. پوليس مطابق ڪراچي جي علائقي ڊفينس 5 واري علائقي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي دوران منشيات فروشن پوليس ٽيم تي ڪار چاڙهي ڇڏي، نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، پوليس ڪارروائي ڪري منشيات فروش کي ساٿي سوڌو گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو