226

شرمين عبيد چنائي هڪ ٻيو وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فلمي دنيا جو سڀ کان معتبر ايوارڊ آسڪر پنهنجي نالي ڪندڙ پاڪستاني هدايتڪار شرمين عبيد چنائي جو نالو ايشيا جي 18 بهترين هدايتڪارن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هانگ ڪانگ جي ٽيٽلر ميگزين پاران هڪ لسٽ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ايشيا جي 18 بهترين هدايتڪارن کي شامل ڪيو ويو آهي. ٽيٽلر ميگزين پاران ايشيا جي 18 بهترين هدايتڪارن جي اها لسٽ شعبي ۾ سندن بهترين ڪارڪردگي جي بنيادي تي تيار ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان پاڪستاني هدايتڪاره شرمين عبيد چنائي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي. جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته هن لسٽ جو حصو بڻجڻ تي خوشي آهي. ان سان گڏ هن ٽيٽلر هانگ ڪانگ ميگزين جو ٿورو پڻ ادا ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو