180

ميڊيا امن لاءِ ڪيئن ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي…؟؟؟

ليکڪ: منتظر شاهه

تاريخ کي جيڪڏهن  غور سان ڏٺو وڃي ته اسان کي معلوم ٿيندو ته ميڊيا ماڻهن کي تشدد ڏانهن مائل ڪري سگهي ٿي. اها ساڳئي ميڊيا امن جو رستو به ڏيکاري ٿي.هٽلر ميڊيا جو استعمال ڪيو ته جيئن يهودين، هم جنس پرستن ۽ ٻين اقليتن لاءِ نفرت پکيڙي سگهي، جنهن ۾ هُن جي ريڊيو اسٽيشن RTLM ساٿ ڏنو. اسٽيشن تان نشر ٿيندڙ پروگرام ماڻهن کي اُڪسائيندا هئا ته هو ماڻهن کي قتل ڪن ۽ هٽلر جي ڳالهه کي ٻُڌن، بهرحال، هن کي لازمي طور ته قبول نه ڪيو وڃي ۽ ان جي صحيح استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي ته جيئن ان کي امن امان لاءِ استعمال ڪري سگهجي.گذريل ڇهن ڏهاڪن ۾ سڄي دنيا ۾ ميڊيا جو اثر وڌي ويو آهي خاص طور ته ان جي غلط ۽ صحيح استعمال کي ڏسندي، گذريل 50 سالن ۾ ميڊيا جي اثر سان ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ نمايان واڌ ٿي آهي.  شروعاتي دور ۾ فقط ٽيليگراف هُئي، ان کان پوءِ ريڊيو، اخبار، رسالا، ٽيليوزن ۽ هاڻي انٽرنيٽ آهي.اڄ جي دور ۾ دنيا مڪمل طور تي ان مواصلاتي نظام تي ڀاڙيندي آهي. روزاني جي سرگرمين جهڙوڪ ڪم، تفريح، صحت، تعليم، ذاتي رشتن، سير و سفر شامل آهن. نئون مواصلاتي نظام جهڙوڪ موبائيل فون/ريڊيو فون، ليپ ٽاپ، ڪمپيوٽر صحافين کي دنيا جي ڪيترن ئي حصن کان آساني سان معلومات گڏ ڪرڻ ۽ پکيڙڻ جي اجازت ۽ مدد ڏئي ٿي.خبرن جي صنعت کي ڊجيٽل ڪرڻ، جيڪا زمان ۽ مڪان جي جستجو جو سبب بڻيل آهي، اسان روڊن رستن تي ٿيندر واقعن کي، بغاوت، فسادن کي ان ئي وقت ڏسي سگهون ٿا.ان قسم جون خبرون نه صرف ڏسندڙ ۽ ٻُڌندڙن کي ڄاڻ ڏين ٿيون پر گهريلو تشدد مهم شروع ڪري سگهن ٿيون. خبرن جي گڏجاڻي پڻ اهڙي رپورٽنگ کي متاثر ڪن ٿيون. امن واري صحافت تحقيق جي ذريعي بحث ڪندي آهي ته هتي تڪرار واري صحافت يا رپورٽنگ سان ڪجهه غلط پيو ٿئي. تحقيق ۽ عمل جي مدد سان اها خبر پوي ٿي ته امن واري صحافت تڪراري صحافت جي هر جڳهه تي نشاندهي ڪري ٿي. سڀ کان پهريان اهو تصور ته ميڊيا پنهنجي من پسند ماڻهن يا وري اداري کي محفوظ رکڻ لاءِ هميشه ڪوشش ڪري ٿي ۽ پنهنجي سياسي مفادن کي هٿي وٺرائي ٿي. تنهنڪري نه رڳو سياسي ۽ معاشي، پر سماجي ۽ ثقافتي عنصر پڻ تڪرار واري صحافت کي هٿي ڏيارڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.  وقت سان گڏوگڏ، اشتهار ميڊيا جي آمدني جو اهم ذريعو بڻجي ويو آهي، ۽ ان وقت کان وٺي تڪرار واري صحافت جي رپورٽنگ ۾ واڌ ٿيندي رهي، 2009ع ۾ آمريڪي صدر باراڪ اوباما، اسرائيلي وزير اعظم بينجيمن نيتن ياهو ۽ فلسطيني صدر محمود عباس جي وچ ۾ ٿيل ملاقات ان ڳالهه جو مثال آهي ته امن واري جرنلزم ڪيئن ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.جيتوڻيڪ، تڪرار واري صحافت گهڻو اثر انداز ٿئي ٿي امن واري صحافت جي مقابلي ۾ پر امن واري صحافت اها ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته سماج ۾ سڀ ڪجهه خراب نه آهي. جيڪڏهن  اڄڪلهه جي جرنلزم ۽ ميڊيا کي ڏسجي ته هر هڪ ادارو پنهنجي پسند جي حساب سان ناظرين کي ڪنٽرول ٿو ڪري، نيوز چينل تي سڀ کان وڌيڪ ڪوريج تڪرار ۽ سياست کي ڏني وڃي ٿي ۽ ناظرين کي بار بار اهي ساڳي اسٽوريز ڏيکاري ان کي صحيح سمجهڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، ان قسم جي روايت کي بدلجڻ کپي ۽ دنيا ۽ سماج جي بهتري کي پهرين ترجيح ڏني وڃي، ڇو جو امن واري صحافت دنيا کي بدلائڻ ۾ هڪ اهم هٿيار وانگي ڪم ڪري سگهي ٿي، جنهن جا مثال اسان کي اڳ ۾ ڏسڻ وٽان مليا آهن. امن واري صحافت جي ذميواري نه صرف رپورٽرن، ميڊيا چئنلن يا وري صحافين تي آهي پر هڪ عام انسان تي پڻ اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڳتي اچن ۽ سماج کي سڌاري ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ دنيا کي هڪ بهتر جڳهه بڻائين. ڇو ته ميڊيا ئي اهڙو پليٽ فارم آهي جيڪو دنيا ۾ امن جي خواب کي ساڀيان بڻائي سگهي ٿو، هن وقت تڪرارن ۽ جنگين ۾ ورهايل دنيا کي امن جي سخت ضرورت آهي، جيڪڏهن امن ممڪن نه بڻيو ته هيءَ دنيا رهڻ جي لائق نه رهندي، ان ڪري شعور جي ادارن جن ۾ ميڊيا سڀني کان مٿي آهي کي اڳيان اچي امن لاءِ ڪردار جي سرواڻي ڪرڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو