157

ملڪ جي قومن ۽ تحريڪن جو تاريخي جائزو…

ليکڪ: علي محمد ميمڻ

سنڌو ماٿريءَ واري پرڳڻي وارين قومن جي ملڪ، وفاق پاڪستان ۾ سنڌ جي سياست، سماجي بيهڪ ۽ فڪري لاڙا، تاريخي طور تي سموري ملڪ جي عام رواجي سياست ۽ وهنوار کان گهڻو مختلف آهن، سنڌ ۾ سياسي سنجيدگي، عوامي انداز ،  ڏاهپ،  تدبر ۽ انصاف پسندي وارا جذبا ۽ سوچون گهڻيون چٽيون ۽ اڀريل آهن.  سنڌ جا ماڻهو، پنهنجن قديم رشتن ۽ لڳ لاڳاپن سان تعلق رکن ٿا ان حوالي سان سموري قوم جي وڏي اڪثريت، سياسي لحاظ کان سمجهڻ، سوچڻ ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ملڪ گير سوچون ۽ وفاق واري سياست جي هر دور ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ هلندڙ سمورين، تاريخي ۽ سياسي تحريڪن ۾ سنڌي قوم جي سمورين  برادرين ۾ عوامي سطح تي هڪ جهڙائي ۽ وڌ ۾ وڌ اتفاق رهيو آهي. هن خطي ۾ رت جا رشتا ۽ هڪ ٻئي سان وطني تعلق وڌيڪ مضبوط ،  راڄ ڀاڳ ۽ خاندانن ۽ برادرين وارن ور وراڪن ۽ هڪ ئي مادر وطن ۽ سنڌوءَ جي پاڻي جي ريج سان ڳوهيل مٽي ۽ زرخيز زمين ۾پيدا ٿيل گلشن جا ساڳي خوشبوءِ  ۽ تاثير وارا گل ۽ بڙ جي وڻن وانگر  گهاٽا ۽ اونها بنياد رکندڙ  مضبوط ماڻهن تي مشتمل قوم آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي عوام ۾ سياست ، سماجي خدمت، ۽ برادرين ۾ پيار محبت وارا سمورا معاملا  لڳ ڀڳ هڪ جهڙا سبب، عقلي، فڪري ۽ روحاني طاقت رکن ٿا. سنڌ ۾ گذريل هڪ صدي جي تاريخ دوران عوامي مقبوليت حاصل ڪندڙ  سياسي تحريڪن جو جائزو وٺجي ته، انگريزن جي راڄ کان آزادي جي تحريڪ پڻ تمام گهڻين ثابتين سان سنڌو ماٿريءَ جي بحالي ۽ آزادي جي تحريڪ ئي رهي آهي. جنهن ۾ هتي جي قومن ۾ شامل سمورن مذهبن جي ماڻهن جي پنهنجي وطن جي آزادي جو فڪر چٽي ريت نظر اچي ٿو، جيڪا هندستان جي تاريخ جو حصو ڪڏهن به نه رهي آهي پر هن جي تاريخ ۽ خطو هيشه ڌار ڌار رهيا آهن . هندستان ۽ سنڌو ماٿريءَ  جي ماڻهن ۾ پراڻن پاڙيسرين وارا تعلق ۽ دنيا داري وارا لڳ لاڳاپا رهيا آهن. پنهنجي پرڳڻي جو جائزو وٺڻ سان  نظر ايندو ته  انگريزن طرفان  هندستان تي قبضي بعد سنڌو ماٿري واري ملڪ تي سڀ کان آخر ۾ قبضو ڪيو ويو. جنهن موجب، 1843ع ۾ سنڌ جي ٽن رياستن حيدرآباد، خيرپور ۽ ميرپورخاص تي قبضا ڪيا ويا. ان بعد پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي علائقن تي قبضا ڪيا ويا. اهڙي ريت،  هندستان ۽ سنڌو ماٿريءَ واريون رياستون قدرتي ۽ تاريخي طور تي هميشه ڌار ڌار خطا رهيا آهن. سنڌو ماٿري وارين رياست ۽ قدرتي ملڪ جو تعلق سنڌو درياهه ۽ ان ۾ شامل ٿيندڙ پنجن درياهن جي خطي ۾ رهندڙ قديم قومن ۽ انهن جي موجوده دور جي نسلن سان آهي. جڏهن ته هندستان واري سرزمين ۾ گنگا، جمنا، سرسوتي ۽ ٻين درياهن جا وهڪرا ۽ هندستان  جا وسيع سامونڊي ڪنارا ۽ سامونڊي پٽي اتان جي قومن ۽ رياستن جي جوڙجڪ جا بنياد آهن.  دنيا تي والار دوران انگريز حملي آورن، جيئن اڌ دنيا کي فتح ڪري پنهنجي ماتحت بنايو، تيئن هندستان جي مختلف رياستن تي قبضا ڪرڻ بعد سڀ کان آخر ۾ سنڌو ماٿريءَ  واري خطي جي رياستن تي قبضا ڪيا ۽ ان بعد انهن کي هندستان واري حڪومت ۾شامل ڪري ڇڏيو. جنهن تي دهلي، بمبئي ۽ انگلينڊ مان ويهي حڪمراني ڪئي ويندي رهي. اهڙي ريت، سنڌو ماٿريءَ واري خطي ۽ رياستن ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي تحريڪون، هڪ ئي وقت ۾ انگريزن کان آزادي ۽ هندستان واري بالادستي ۽ بمبئي مان ويهي سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ واري انگريزن ۽ هندستاني عملدارن جي گڏيل آمريت کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ کي بمبئي جي حڪمراني کان ڌار ڪري وري پنهنجي صوبائي حيثيت ۾ بحال ڪيو ويو. هن تحريڪ جي سرواڻي ڪندڙ شخصيتن ۾ وڏا نالا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سر شاهنواز ڀٽو، جي ايم سيد ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ شامل آهن. ان بعد 1940ع ۾ دنيا ۾ شروع ٿيل ٻي عالمي جنگ ۾ انگريزن جي حڪومتن جي شامل ٿيڻ ڪري هنن طرفان پنهنجا قبضا ڪيل ملڪ آزاد ڪرڻ شروع ڪيا ته، ان موقعي تي هندستان ۽ سنڌو ماٿريءَ جي رياستن ۾ پڻ آزادي جي تحريڪون وڌي ويون. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ماٿري وارين تاريخي رياستن جون ڌار ملڪ قائم ڪرڻ واريون سرگرميون شروع ٿي ويون. جنهن جي قيادت ڪرڻ واري وڏن  اڳواڻن ۾قائد اعظم محمد علي جناح ۽ جي ايم سيد جو تعلق پڻ سنڌ صوبي سان ئي هو، اهڙي ريت، سنڌ جي سرزمين واري مٽيءَ وري به پنهنجي خمير ۽ ضمير کي جاڳايو، متحد ۽ متحرڪ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾سنڌ صوبي جي اڳواڻن جي سرواڻي ۾ ٻين سوين ننڍين وڏين تحريڪي شخصيتن ۽ تنظيمن طرفان پاڪستان جي نالي ۾ سنڌو ماٿريءَ  جي خطي وارو ملڪ بحال ڪرائڻ واري تحريڪ جاري ڪئي وئي ۽ ان سياسي تحريڪ جي بانين طرفان قرارداد پاڪستان سنڌ اسيمبلي ۾پيش ڪري منظور ڪئي وئي. اهڙي ريت، ان سياسي تحريڪ جو ٻج کڻي لاهور جي منٽو پارڪ (هاڻوڪي مينار پاڪستان واري باغ) ۾ چٽيو ويو پر ان سموري تحريڪ جي سرواڻي ۽ قيادت پڻ سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جي چونڊيل قيادت طرفان پاڻ ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ موجود هر مذهب جي سنڌين پڻ پنهنجو حصو شامل ڪيو، بيشڪ !   سنڌي قوم طرفان، پاڪستان ٺاهڻ ۽ سنڌو ماٿري جي قومن وارو مانائتو، خوشحال ۽ فلاحي ملڪ ٺاهڻ وارو ڪيل فيصلو بلڪل درست ۽ قدرتي عمل هو. اهڙي ريت، ملڪ ٺهڻ بعد  پيدا ٿيل مختلف واقعن، سانحن ۽ مختلف سببن جو ملڪ قائم ٿيڻ واري اصل فيصلي سان ڪو به تعلق نه هو.  جنهن ۾ ملڪ تي قبضا ڪندڙ آمرن ۽ عام چونڊن واري پاڪ ۽ صاف عمل کي ڌانڌلين ذريعي ناپاڪ ۽ زهريلو بنائي . آمرن طرفان پنهنجا ٺاهيل بت ، غلام ۽ خدمتگار ڪامياب ڪرائي حڪومتن ۾ آڻي ويهارڻ وارا واقعا ۽ سانحا دراصل سنڌو ماٿري واري مانائتي ملڪ ۽ قومن جي برادري واري رضاڪاراڻي وفاق واري مملڪت واري نظرئي کي ناڪام بنائڻ  واريون اهي ڪارروائيون آهن، جنهن تي هن وقت سمورو ملڪ پريشان آهي، صوبا ۽ ملڪ جون مالڪ قومون، تڪليفون ۽ پريشانيون ڀوڳي رهيون آهن ۽ پنهنجي وڃايل حقن ۽ وفاق پاڪستان واري وڃايل اصل تاريخي دستاويز  يا سماجي آئين موجب حقن جي  بحالي ۽ حاصلات لاءِ  احتجاج ڪري رهيون آهن، جنهن ۾ سڀ کان قابل غور ۽ دلچسپ ڳالهه ته اها آهي ته، هڪ ٻئي سان ناراض قومون پڻ ان تحريڪ ۾شامل آهن ۽ هڪ ٻئي کي دلداري ڏئي رهيون آهن. ملڪ جي انهن قديم قومن جي آئين جي بالادستي ۽ ۽ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني واري خير واري مقصد لاءِ هلندڙ جدوجهد جي ڪاميابي، ملڪ، صوبن ۽ هتي جي قومن جي ڀلائي لاءِ ضروري آهي.   

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو