153

کاهوڙي ڪردار حاجي غلام قادر خاصخيلي

ليکڪ: اياز خاصخيلي

ھڪ دفعي سنگت سان ويٺي ويچار ٿيو ته ڇا موت کي به موت ڏيئي سگھجي ٿو؟ ھڪ اھڙو سوال جنھن ڪجهھ لمحن جي لاءِ ته ڪچھري ۾ ماٺار ڪرائي ڇڏي ،ٿوري وٿي کان پوءِ ھڪ ساٿي وڏو ساهه کڻندي چيو ته ھا بلڪل موت کي به موت ايندو آھي ۽ اھو موت ڏيندڙ شخصيتون نه پر انمول ۽ کاھوڙي ڪردار ھوندا آھن جيڪي ھميشه زندهه رھندڙ انسان جي دماغن ۾ سمايل ھوندا آھن ۽ نسل در نسل منتقل ٿيندا رھندا آھن. انھن کاھوڙِي ڪردارن ۾ ھڪ ڪردار شھيد بينظيرآباد جي آخري شھر ٻانڌي جي ڀرسان ڳوٺ مصري خان خاصخيلي سان تعلق رکندڙ مرحوم حاجي غلام قادر خاصخيلي مرحوم به آھي جنھن پنھنجي پوري زندگي سماجي ڀلاين ۾ صرف ڪري ڇڏي، هن  ڪراچي کان ڪيٽي بندر ، ڪارونجھر کان ڪشمور  سميت پوري سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف علائقن جا اڪيلي سر، وفدن سان ڪيئي دورا ڪيا، جتي  پنھنجي برادري جي ماڻھن کي ڳوليو ۽ ھڪ ھنڌ گڏ ڪيو ۽ انھن کي سجاڳي ڏني ته پنھنجي ٻارن کي تعليم ڏيو، پرمار سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالھايو  ۽ ڪلھو ڪلھي سان  ملائي ھلو، انھن سان برابري ۾ بيھڻ ۽ ويھڻ سکو. ھي انھي وقت جي ڳالهھ آھي جڏھن رابطي جو واحد ذريعو خط و ڪتابت ھوندي ھئي ۽ سفر جو ذريعو لوڪل بسون يا ٽرينون ھونديون ھيون پر ھي ھمراھ ھر ڏک سک ۾ ھر ڪنھن وٽ سڀ کان پھريان پھچندو ھو، ڪتابي رڪارڊ موجب حاجي غلام قادر خاصخيلي جي پيدائش ھڪ ھاري جي گھر ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي ٺيڪ انھيءَ ڏينھن تي ٿي جنھن ڏينھن پاڪستان وجود ۾ آيو. آزادي واري ڏينھن جو عڪس سندس پوري زندگي تي نظر آيو. انھي وقت جي تعليم مڊل پاس ڪيائين ۽ سورنھن سالن جي عمر ۾ سندس والد محترم مصري خان خاصخيلي جي حڪم تي پنھنجي جدوجھد شروع ڪئي. پاڻ سنڌ جي نالي واري تعليمدان مرحوم جمال الدين خاصخيلي مومن سان گڏجي شھرن کان پري قائم  ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سرڪاري اسڪول کولرايا ۽ تعليم عام ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. حاجي غلام قادر خاصخيلي سياسي طور پاڪستان پيپلزپارٽي سان منسلڪ رھيا ۽ پاڻ پارٽي جي بنيادي ڪارڪنن مان ھئا. سندس سياسي ساک جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه نصرت ڀٽو، شھيد راڻي بينظير ڀٽو کان ويندي آصف علي زرداري سان سندس سڌو سنئون واسطو رھيو، جنھن جو رڪارڊ خط وڪتابت جي صورت ۾ اڄ به محفوظ آھي ۽ انھي رڪارڊ کي سندس نالي سان قائم فيس بڪ پيج تي ڏسي سگھجي ٿو ۽ انھي رڪارڊ کي سندس نالي سان سندس ئي ڳوٺ ۾ لائيبريري ۾ محفوظ ڪيو ويندو. حاجي غلام قادر خاصخيلي ھڪ جرئتمند انسان ھو، جيڪو ڪنھن به مسئلي تي ڪنھن کي به سچ منھن تي چئي ڏيندو ھيو جنھن جا مثال سندس ساٿي اڄ به ڏيندا آھن. سياسي ۽ سماجي سگهھ استعمال ڪندي حاجي غلام قادر خاصخيلي ھڪ عام ورڪر ۽ انسان ھوندي به ڪيترن ئي ماڻھن کي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾  روزگار سان لڳرايو. حاجي غلام قادر خاصخيلي پنھنجي دور جو ھڪ ارڏو ۽ بيباڪ صحافي به رھيو. انھي وقت ڪراچي مان نڪرندڙ روزني اخبار اعلان جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر ۽ روزاني ڏھيسر ڪراچي ۾ پڻ سنڌ جو  بيورو چيف بڻجي سنڌ جي ماڻھن جي مسئلن کي مٿين ايوانن تائين پهچائيندو رھيو. سندس ڪوشش ھوندي ھئي ته  صحافين کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪجي جنھن کي عملي جامو پھرائيندي ٻانڌي جي سينيئر صحافي سائين محمد بخش مري سان گڏجي ٻانڌي پريس ڪلب جو بنياد رکيو. حاجي غلام قادر خاصخيلي کي 2008 ۾ فالج جو اٽيڪ ٿيو جنھن سبب کٽ ڀيڙو ٿيو پر سندس جدوجھد اتي به ختم ڪونه ٿي ۽ پنھنجي رابطي جو عملي ڪم جاري رکيو ۽ ڪنھن کي به محسوس ٿيڻ ڪونه ڏنو ته پاڻ اڌرنگي جي بيماري سبب بستري تي آھن. 18 جنوري 2013 جي شام پنھنجي ڳوٺ پنھنجي برادري سان ڪچھري ڪندي حاجي صاحب کي دل جو دورو پيو ۽ وفات ڪري ويا. حاجي غلام قادر خاصخيلي ظاھري طور ته وفات ڪري ويو آھي پر 8 سال گذرڻ باوجود سندس شخصيت ۽ ڪردار سندس چاهيندڙن ۾ اڄ به زنده آھي. اڄ به ڪيئي سندس ساٿي کيس ياد ڪري نيڻ ھاري ويھندا آھن. ھن وقت به سياسي يا سماجي طور جڏھن ڪنھن جدوجھد جي حوالي سان بحث ٿيندو آھي ته حاجي غلام قادر خاصخيلي جي جدوجھد کي ريفرنس طور استعمال ڪيو ويندو آھي. اڄ سندس اٺين ورسي آھي ۽ ورسي جي موقعي تي سندس ئي ڳوٺ ۾ سندس ئي نالي سان ھڪ بھترين ريفرنس لائبريري جو بنياد رکيو پيو وڃي جيڪا سندس علائقي جي ماڻھن جي علمي اڃ اجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ مرحوم جو مشن تعليم ۽ سجاڳي ھر غريب لاءِ جاري وساري رھندو. حاجي صاحب جي ٻاريل شمع کي اڄ به اولاد ۽ چاھيندڙ ساٿي ٻاريو پيا اچن ۽ اميد ڪري سگھجي ٿي  ته انھي شمع کي روشن رکيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو