193

منهنجي تخيل جي بلند ترين هستي..

ليکڪ: زهير حسين حيدري

عالمين جي سردارکي ڪنهن جي در تي وڃي سلامي ڀرڻ جي ضرورت نه هُئي، نه ئي ڪنهن پيءُ کي ڌيءَ جي در تي هلي وڃي سلام ڪرڻو هوندو آهي، پر سيده جي دروازي تي بيهي سرور ڪائنات پهرين سلام ڪندا هُئا ته، السلام عليک يا اهل بيت النبوه و معدن الرسالته. اي اهل بيت نبوت ۽ اي رسالت جي کاڻ، توهان تي سلام!. اِن ڪري ته هيءَ فاطمه عه رسالت جو مرڪز هُئي ۽ تاجدارِ رسالت هلي اچي رسالت جي مرڪز تي سلام ڪندا هُئا. اندازو لڳائجي ته جنهن فاطمته الزهرا جي دروازي تي مرسل اعظم اچي سلام ڪري ان دروازي جي عظمت ايڏي بلند آهي ته ان ملڪئه حجاب و صدق جو ڇا مقام هوندو!!  اها هڪ حقيقت آهي ته فاطمه عه تڪميلِ رسالت سان مربوط آهي ڇو ته سرور ڪائنات فرمايو ته فاطمه بضعته مني “فاطمه منهنجو جز آهي” . سرڪار جيڪڏهن نبي آهي ته فاطمه عه نبوت جو جز، نبوت کي مڪمل ڪرڻ واري فاطمه عه.، محمد مصطفى صه جيڪڏهن رسول آهي ته رسالت جي تڪميل جو نالو فاطمه عه. محمد مصطفى صه جيڪڏهن رحمته اللعالمين آهي ته فاطمه عه عالمين جي رحمت جي ڪمال جو نالو آهي. رسول الله صه خاتم النبيين آهي ته فاطمه عه ختم نبوت جي تڪميل جو نالو آهي، هن جي هر انداز تي قرآن مدح سرا آهي، هن جي سخاوت تي خالقِ ڪائنات سوره دهر جون 31 آيتون نازل ڪيون (ويطعمون الطعام علي حبه مسکين و يتيم و اسيرا) اسان جي سمورين عبادتن جي قبوليت کي خداوند عالم “رسول الله جي قريبن جي مودت سان مشروط ڪيو ۽ نبي صه جي نسبي قريبن ۾ پهرين قريب فاطمه الزهره عه سان مودت سڀني عبادتن جي سَند ۽ فاطمه عه جي رنجش سمورين عبادتن جي نابودي جو دليل قرار ڏنو. (قل لا اسئلڪم عليه اجرالا المودت في القربا) اهلِ نجران سان مباحلي ۾، ڪوڙن تي لعنت ڪرڻ لاءِ، رسول اڪرم کي صرف سچن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ خاطر، نسائنا جي جمع جي صيغي ۾ سوائي اڪيلي سچي سڳوري فاطمه عه جي صداقت جي، ٻي ڪا ان معيار تي نظر ئي نه آئي!! (فقل تعالو ندعو ابنا ئنا و ابنائکم و نسائنا و نسائکم و انفسنا و انفسکم ثم نبتهل ونجعل لعنته الله علي الکاذبين )  هن جي شانِ فضيلت ۾ قرآن طهارت جو اعلان ڪيو ( انما يريدالله ليذهب عنکم الرجس اهل البيت و يطهرکم تطهيرا) هن بي بي جي گهر تي ستارا جهڪائي خالق والنجم اذا هوا جا قصيدا پڙهي. هن جي  رضا خالق جي رضا، هن جي زبان مان نڪتل لفظ مشيتِ الاهي بنجي وڃن، هن جي زبان مان لفظ نڪرن ته “ سڀاڻي درزي ڪپڙا کڻي ايندو ته مشيت الاهي سان جبريل فاطمه زهرا جو درزي بنجي وڃي، هن جو قول رضائي الاهي، هن جي شفاعت محشر جي ضمانت ( يومئذ لا تنفع الشفاعت الا من اذن لهه الرحمان و رضي لهو قولا) الله هن جي قول تي راضي الله هن جي فعل تي راضي،  انهي ڪري ته هن جو نالو ئي فاطمه ۽ فاطمه جي لغوي معنى ئي آهي نجات ڏيارڻ واري. جنهن هن سان مودت ڪئي ان جي نجات يقيني، جنهن هن کي رنجايو ان کي آبِ زمزم سان غسل ڏجي يا ڪنهن انتهائي مقدس مقام تي دفنائجي سندس سمورن عملن جي نابودي يقيني، هيءَ جنت ۽ دوزخ جي ڪسوٽي، جنهن هن جي در کي سڃاتو ان کي نبيءَ ”سلمان منا اهل البيت“ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو، جنهن هن کي اذيت ڏني نبيءَ ان کي الله ۽ رسول جي اذيت سان تعبير ڪيو. ( من آذاها آذاني و اذاني آذان الله) هِيءَ فاطمه عه اُن خديجته الڪبرى جي ڌيءَ آهي جنهن جا 80 هزار اُٺَ هر وقت واپار جي حرڪت ۾ هوندا هُئا.  پر هڪ وقت آيو جو اُها خديجته الڪبرى شعبِ ابي طالب جي غارن ۾ قيد ٿي، وڻن جا سڪل پن کائڻ تي مجبور ٿي وئي. سندس سموري دولت اسلام تي خرچ ٿي وئي، اِها دولت هُجي ها ته فاطمه عه اُن جي اڪيلي وارث هُئي. اُن صورت ۾ فاطمه زهره جي ٻچن کي فاقن ۾ راتيون نه ڪٽڻيون پون ها. جنگِ خيبر ۾ مالِ غنيمت مان مسلمانن کي ايترو مال مليو جو عرب جا ٻار سون سان گهٽين ۾ رانديون ڪري رهيا هُئا، عالي شان طعام کاڌا پئي ويا. علي عه جيڪو فاتح خيبر هو اُن کي ٻيڻو حصو مليو هو پر جڏهن گهر ۾ اچن ٿا ۽ سيده کي فرمائين ٿا ته اي بنتِ رسول الله مونکي ٻيڻو حصو مليو هو پر رستي ۾ فقير مليا غريب ۽ يتيم مليا سڀ اُنهن ۾ ورهائي خدا جو نالو کڻي آيو آهيان ته سلام آهي اُن فخرِ انسانيت بي بي تي جيڪا سجده خداوندي ۾ وڃي چوي ٿي ته خدايا تنهنجا بيشمار احسان آهِنِ جو تو مونکي علي عه جهڙو عظيم وَرَ عطا ڪيو آهي.  فاطمه زهره تاريخِ بشريت ۾ وڏومزاحمتي ڪردار آهي جنهن عورتن جي موروثي حقن لاءِ وقت جي حاڪمن وٽ پنهنجو بنيادي ڪيس رکي قيامت تائين ان ڳالهه جو بنياد رکيو ته عورتن کي الله جي قانون قرآن موجب جيڪو پيءُ جي ملڪيت ۾ حق مليل آهي اهو ضرور ملڻ گهرجي. ان جدوجهد لاءِ جيڪڏهن مصيبتون ۽ مشقتون برداشت ڪرڻيون پون ته انهن کي استقامت، حوصلي ۽ بردباريءَ سان منهن ڏيڻ گهرجي. هن عظيم عورت نه صرف اهي مصيبتون سٺيون پر ان لاءِ پنهنجي اولاد کي به اهڙي سکيا ڏني جو انهن جي قربانين کي اڄ تائين دنيا داد ڏئي رهي آهي. هيءَ اُها بيبي آهي جنهن جي تربيت جي ڪمال جو نالو حسن عه، حسين عه، زينب عه ۽ اُمِ ڪلثوم عه جهڙيون عالم بشريت جون مايئه ناز هستيون آهن، جنهن لاءِ آيت الله خميني رحه فرمايو ته “فاطمته الزهره سلام الله عليها هڪ اهڙي خاتون هُئي جنهن هڪ سادي گهر ۽ ننڍڙي ڪمري ۾ اهڙين هستين جي تربيت ڪئي جن جو نور زمين جي خاڪ کان آسمان تائين ۽ عالمِ مُلڪ کان عالمِ ملڪوت  تائين چمڪيو”  سندن ئي تربيت جو اثر هو جو چاهي صلحِ حسن هجي يا قيامِ حسين، ڪوفي ۽ شام جي بازارن ۽ دربارن جي رزم گاهن ۾ ۾ جنابِ زينب ۽ امِ ڪلثوم جي انقلابي خطابت جي يلغار هجي يا سيد سجاد جو دربارِ شام ۾ طوق ۽ زنجيرن ۾ به ايئن گجندڙ آواز سان يزيد ابنِ معاويه سان همڪلام ٿيڻ جو، جن موجود ماڻهن علي عه کي جنگ ڪندي ڏٺو هو انهن سمجهيو ته اڄ سجاد جي صورت ۾ علي ڪفار جي مقابلي ۾  رجز  پڙهي رهيوهجي. اهو سڀ فاطمه زهره جي رت جو اثر هو. اِن عظيم هستيءَ لاءِ علامه اقبال رحه ڪيڏو نه بهتر انداز ۾ خراج پيش ڪيو آهي ته:

رشته آئينِ حق زنجير پاست

پاس فرمانِ جنابِ مصطفى پاست

ور نه گرد تربتش گرديد مي

سجده آں برخاک او باشيد مي

ترجمو: جيڪڏهن شريعت (آئين حق) مونکي زنجيرن ۾ نه ٻڌي ها يعني مون تي پابنديون نه وجهي ها ۽ جيڪڏهن رسولِ خدا جي فرمان جي مجبوري نه هجي ها ته آءٌ جنابِ سيده جي تربت جي چوگرد طواف ڪريان ها ۽ آءٌ سندس تربت جي خاڪ کي سجدو ڪريان ها.

علام اقبال رحه بيبي جي شان ۾، رموزِ بيخودي ۾ پنهنجي عقيدت جا گل پيش ڪندي ڪمالِ بيخودي جو اظهار هن طرح ڪري ٿو ته:

مريم از يک نسبت عيسى عزيز

از سه نسبت حضرت زهرا عزيز

ترجمو: حضرت مريم حضرت عيسى عه سان صرف هڪ نسبت جي ڪري عزت واري آهي پر جنابِ زهرا ع ٽن نسبتن جي ڪري صاحبِ عزت آهي.

نورچشمِ رحمته للعالمين ، آں امام اولين وآخرين

ترجمو: هوءَ رحمته للعالمين جي اکين جي ٿڌاڻ ۽ اکين جو نور آهي جيڪو اول ۽ آخر جو امام آهي.

بانوئي آں تاجدار هل اتى، مرتضى مشکل کشاءَ شير خدا

ترجمو: هيءَ اُن جي وني آهي جنهن جي سر تي هل اتى جو تاج آهي. جيڪو مرتضى به آهي، مشڪل ڪشاءَ به آهي ۽ شير خدا  به آهي.

مادرِ آں مرکزِ پرکارِ عشق ،مادرِ آں کارواں سالارِ عشق.

ترجمو؛ هيءَ عشق جي مرڪزي نقطي جي ماءُ آهي، هيءَ عشق جي ڪاروان سالار جي ماءُ آهي

هن عظيم المرتبت هستيءَ جي اوصاف تي جيترو به ذهن کي ڊوڙائجي ٿو، سندن فضيلتن جا انيڪ عنوان قطارن ۾ اچي بيهي رهن ٿا، تحريرن ۽ تقريرن ۾ انهن کي سموئڻ  جي انساني ذهنن  کي مجال ۽ همت نه آهي،جيترو به لکجي پر قلم جي اڃ وسامي نٿي، تشنگي جيئن پوءِ تيئن وڌي ٿي، مونکي به ان ڳالهه جو شدت سان احساس آهي ته منهنجي آئيڊيل شخصيت حضرتِ سيده فاطمه زهره کي پنهنجي دل ۽ روح جي عقيدت جي اظهار جو حق ادا نه ڪري سگهيس، پر اهو اطمينان آهي ته هيءَ ايڏي بلند ترين شخصيت آهي جو ان جي ذڪر جو حق ادا ٿيڻ جو تصور ئي مشڪل بلڪ  ناممڪن آهي، بس اها اميد ضرور آهي ته هن در جي پينو فقير جي ڪستي ۾ جيڪڏهن ملڪه عاليه ونڊ جا ٻه ڪڻا خيرات جا وجهندي ته اهي نجات جو ذريعو بنجي ويندا ۽ جيڪڏهن هي لکيل ٻه اکر قبوليت جي درجي تي پهتا ته اها قبوليت جي سند جنت جي جوانن جي  سردارن کي ڏيکاري منزل ماڻي ويندس.

Zaheerhussain11066@gmail.com

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو