ليکڪ: پيار علي چانڊيو
سنڌ ۾ گولي هلائڻ ڄڻ ته ايتري آسان ٿي وئي آهي، جو ڪو معمولي تڪرار ٿيو ناهي، گولي هلي ناهي. اها ڌرتي، جتي ٻوليءَ جي موٽ ٻوليءَ ۾ ئي ڏني ويندي هئي، اتي گوليءَ جي موٽ ۾ ته گولي آهي ئي آهي، پر خود ٻوليءَ جي موٽ ۾ به ٻولي نه، پر گولي هجي ٿي. ايئن سوين ماڻهو گولي ڪلچر جو کاڄ ٿي چڪا آهن، ۽ اڃا به ٿي رهيا آهن. انساني خون جي قيمت ملڪي رپئي وانگر وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن ڪرندي. برداشت جو بحران معاشي بحران جيان جهڙيءَ ريت ڏاڪڻيون چڙهي رهيو آهي، ان مان محسوس ايئن ٿو ٿئي ته ڄڻ هڪ ڏينهن سنڌ قبائلي علائقن جهڙو روپ ڌاري ويندي، جتي ماڻهو هڪٻئي جي پاڇي کان ڊڄندي ڊڄندي زندگي گذاريندا. اسان جڏهن ڪالهوڪين اخبارن تي نظر ڦيرايون ٿا ته ھڪ ھيانءُ ڏاريندڙ واقعو اکين اڳيان گذري ٿو، جنھن ۾ معمولي ڳالهھ تان پنج انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترا ئي ماڻهو زخمي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي پھتل آھن، جيڪڏهن سنڌ جي مٿانهن ضلعن ۾ نظر ڦيرائينداسين ته قبائلي جهيڙا، سڱاوتي تڪرار، بدلي جي باهه جي تپش ائين محسوس ٿيندي جيئن اسلام کان اڳ عرب ۾ 40 سالن تائين پيا جهيڙا هلندا هئا، ائين شڪارپور ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن ۾ قبائلي تڪرار هلي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن جا تفصيل معلوم ڪبا ته پتو پوندو ته ڪيئي انساني جانيون وٺندڙ تڪرارن پٺيان ڪا ٻارن جي ڳالهه يا وري ڪو معمولي معاملو هوندو، پر جهيڙو ائين شروع ٿيندو جو نه ڪنهن ڌر جو ٻار محفوظ هوندو، نه وري ڪو بزرگ ۽ نه ئي ڪا نياڻي، ان باهه جي شعلن کان محفوظ هوندي، ان باهه ۾ راهگير به سڙندا ته اهي ماڻهو به ماريا ويندا، جن جو ان سڄي معاملي سان ڪو پري پري جو واسطو به نه هوندو، رڳو ذات يا برادري جو هجڻ ڪري کين ساڙيو ويندو، اتر سنڌ جي مختلف ڌرين ۾ هر وقت قبائلي تڪرار هلي رهيا آهن، اتي ائين ٿو لڳي ته قانون نالي ڪا شيءِ نه آهي، علائقو برادرين ۾ هلندڙ جهيڙن سبب هر وقت غير محفوظ بڻيل آهي، اتي پراڻن خانداني جهيڙن، زميني تڪرارن، سڱاوتي معاملن ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن جي ڪري مختلف برادريون هڪ ٻئي جا ماڻهو مارڻ، گهر ساڙڻ کان وٺي ڪنهن به قسم جي نقصان پهچائڻ کان نه ٿا ڪيٻائين، ان ڪري اتي رهندڙ ٻين برادرين جا ماڻهو به جهيڙن جي زد ۾ اچي وڃن ٿا، جنهن ڪري وري انهن جي برداري به جهيڙن ۾ ڪاهيو پئي ائين هڪ ٻيو قبائلي جهيڙو شروع ٿيو وڃي. ھي رتوڇاڻ شڪارپور ضلعي ۾ ٿي آھي، جتي علائقو ڪيتري عرصي کان بيروت بڻيل آھي ۽ قانون نالي ڪا به شيءِ نظر نٿي اچي، گذريل ڏينھن شڪارپور ضلعي جي نئين امروٽ واري علائقي ۾ جوڻيجا ۽ دل برادري جي ٻن ڌرين ۾ موبائل فون جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪرڻ بعد راڪيٽ لانچر پڻ فائر ڪيا ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ جوڻيجا برادري جا رسول بخش جوڻيجو، صدر الدين جوڻيجو، ماستر جوڻيجو ۽ ٻئي ڌر جو ثناءُ الله دل ۽ عبدالوهاب دل گولين جو کاڄ بڻجي ويا، جڏھن ته ھڪ عورت سميت پنج ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، ٻئي طرف فائرنگ ۽ زخمين جي اطلاع ملڻ باوجود امروٽ حد جي پوليس 3 ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهچي ٽن ڄڻن جا لاش اسپتال کڻائي آئي آھي، جڏهن ته ٻن ڄڻن جا لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ واقعي واري هنڌ تان کنيا ويا، جڏهن ته جهيڙي بعد ٻئي ڌريون مورچا بند پڻ ٿي ويون آھن ۽ ڌرين جي ڳوٺن ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو پڻ جاري رهيو ۽ علائقي ۾ هٿيارن جي هڪ نئين ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي، خدا خير ڪري خبر ناهي ته اهي بندوقون الائي ڪيستائين ڀونڪنديون ۽ ڏائڻون بڻجي حياتيون ڳڙڪائينديون، هي سڀ وحشت جون نشانيون آهن. اها وحشت، جيڪا ڪڏهن به سنڌ جي خاصيت ناهي رهي. ماڻهن جو قتل ته پنهنجي جاءِ تي ڏکائيندڙ آهي ئي آهي، پر ان سان گڏ اها ڳالهه به ڪنهن صدمي کان گهٽ ڪونهي ته اهڙي قتل عام سان خود سنڌ جو تعارف به بدلجي رهيو آهي. امن پسند، برداشت ڪرڻ واري صوفياڻي رنگ واري سنڌ جي تعارف کي جيڪو نقصان رسي رهيو آهي، سو پوري هڪ تهذيب جي قتل کان گهٽ ڳالھه ناهي. انهن جهيڙن جا ڪي وڏا سبب هجن تڏهن به ڳالهھ سمجهه ۾ اچي پر اسان اها ڳالهھ اڳ به اوهان سان ڪئي آهي ته هتي جيڪي به جهيڙا ٿين ٿا انهن جي سببن جا پيرا کڻبا ته اهي وڃي معمولي ڳالهين تي بيهندا. هڪڙو انسان ڪنهن ٻئي انسان کي قتل ڪرڻ جو فيصلو سيڪنڊن ۾ ڪري ٿو ۽ اهي سيڪنڊ ئي فيصلا ڪندڙ هجن ٿا، جيڪڏهن اهي ڪجهه سيڪنڊ هو عقل کان ڪم وٺن ته هوند اهڙي عمل ڪرڻ کان بچي وڃن ۽ ڪا زندگي به بچي وڃي، پر هو ٻئي تي ايئن ئي ڪاتي وهائين ٿا جيئن ڪو آپگهات ڪندڙ سيڪنڊن ۾ پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن اهي ڪجهه سيڪنڊ گذري ويا ۽ هن خودڪشي نه ڪئي ته پوءِ پنهنجي اهڙي سوچ تي هو پاڻ ئي پڇتائيندو آهي، هي جيڪي قبائلي جهيڙا آهن ان ۾ ملوث ماڻهن جا قتل کانپوءِ جڏهن جذبا ٿڌا ٿيا هوندا ته اهي به ضرور پڇتائيندا هوندا، پر پوءِ پڇتائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جيڪڏهن اڳ ۾ سوچ کان ڪم وٺجي ته پڇتائڻ جو موقعو ئي ڇو اچي؟ هتي ايئن ئي ٿئي ٿو جو ڳالهھ ٻارن جي هجي ٿي ۽ ان ڳالهھ تان دشمنيون ورهين تائين هلنديون ٿيون رهن ۽ درجنين زندگيون ضايع ٿي وڃن ٿيون. معمولي ڳالهين تان ٿيندڙ جهيڙا اهڙو طول وٺي ٿا وڃن جو جيڪڏهن هڪڙي خاندان جو ڪو هڪڙو ماڻهو قتل ٿئي ٿو ته مخالف ڌر جا جيستائين ٻه چار ماڻهو نٿا ماريا وڃن تيستائين صورتحال کليل ئي رهي ٿي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو جيڪڏهن ڪٿي ڪو ماڻهو قتل ٿئي ٿو ته قانون حرڪت ۾ اچي ۽ جنهن ڏوهه ڪيو آهي ان کي گرفت ۾ آندو وڃي پر قانون غائب هجي ٿو ۽ ان جي نه هجڻ جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو اڃا وڌيڪ حياتيون هليون ٿيون وڃن. اها ڌر جنهن جو ڪو ماڻهو قتل ٿئي ٿو سا ڌر ڏسي ٿي ته سندن مدد ۽ انصاف لاءِ ڪير به تحرڪ ۾ ناهي آيو ته اهي پنهنجي طور تي انصاف وٺڻ جو فيصلو ٿا ڪن ۽ اهو فيصلو ئي قتل جي سلسلي کي جاري رکڻ جو سبب فراهم ڪري ٿو. برادرين جا تڪرار بظاهر ته ٻن ڌرين ۾ تڪرار لڳندا آهن پر جيڪڏهن گهرائيءَ سان ان جو جائزو وٺجي ته ان تڪرار جو نقصان رڳو ٻن ڌرين کي نه پر سموري سنڌ کي ٿئي ٿو. سنڌ کي پهچندڙ اهڙي نقصان کي جيڪڏهن ڪو فل اسٽاپ اچي ته ڇا اها ڪا ننڍي حاصلات ليکبي؟
سنڌ ۾ ڪجهھ اھڙيون ڌريون ۽ تنظيمون به آھن جن امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ ميڙ منٿ قافلا به جوڙي ڪم ڪيو آهي ۽ اهڙو عمل جاري رکيو پيون اچن جنهن جا مثبت نتيجا به سامهون آيا آهن. سنڌ ۾ جهيڙيندڙ مختلف برادريون اهڙن ميڙ منٿ قافلن کي مانُ ڏيندي سمورا تڪرار ختم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪن ٿيون ۽ اها هڪ انتهائي مثبت سوچ آھي، جيڪڏهن سنڌ جون ساڃاھه وند ڌريون ان جي فالواپ ۾ وڃن ته مثبت نتيجا اچي سگهن ٿا، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ اڳواٽ ئي کوڙ سارين مصيبتن ۾ گهيريل آهي، ان جي هڪ مصيبت رڳو ان ڪري ختم ٿي سگهي ٿي جو قانون حرڪت ۾ اچي ٻي ڳالھه ته خود اهي ڌريون جيڪي جهيڙن ۾ هجن ٿيون انهن کي به سوچڻ گهرجي ته هن قسم جي عمل ۽ ردِ عمل جو ڪو فائدو به آهي يا رڳو نقصان ئي نقصان آهي…؟؟