ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت ۾ ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڪيس جي جاچ آفيسر رپورٽ پيش ڪندي حتمي چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي آهي. رپورٽن مطابق ڪراچي جي عدالت ۾ ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڪيس جي جاچ آفيسر رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو آهي ته ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ نامزد جوابدار جنيد ۽ وقاص ڊي اين اي سيمپل ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن، جڏهن ته ٻن جوابدارن تاپش ۽ عرفان قريشي جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا آهن. جاچ آفيسر عدالت کان حتمي چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت جاچ آفيسر کي 5 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.
196