150

راولپنڊي جي واپاري کي افغانستان مان هڪ ڪروڙ رپيا ڀتو ڏيڻ لاءِ فون، ڪيس داخل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي ٿاڻي سٽي واري علائقي جي واپاري کي افغانستان مان ڀتي لاءِ ڌمڪين واري فون آئي آهي. رپورٽن مطابق راولپنڊي جي واپاري کي افغانستان کان فون ذريعي ڀتو ڏيڻ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون مليون آهن. واپاري ٿاڻي سٽي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق واپاري کي ڌمڪيون ملڻ تي ٽيليگراف ايڪٽ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ وارن قلمن تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. داخل ڪرايل ڪيس ۾ واپاري ڄاڻايو آهي ته اڻڄاتل جوابدار فون تي پهرين هڪ ڪروڙ جو ڀتو گهري رهيا هئا ۽ 50 لک بروقت ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو