178

ڪراچي جي عدالت پ پ اڳواڻ نبيل گبول کي فائرنگ ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي عدالت پ پ اڳواڻ نبيل گبول کي فائرنگ ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي عدالت ۾ نبيل گبول خلاف فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي گهر تي فائرنگ ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران بئريسٽر عطا کوسا ٻڌايو ته نبيل گبول ۽ درخواستگذار ڌر وچ ۾ ٺاهه ٿي چڪو آهي، جوابدار جي بريت بابت درخواست تي ڪو اعتراض ناهي. وڪيلن جي دليلن کانپوءِ عدالت پ پ اڳواڻ نبيل گبول کي فائرنگ ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو